عبرانين 9:5 - Muslim Sindhi Bible5 صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible5 صندوق جي مٿان پردار آڪاشي جيوَ جهڙيون ٻہ مورتيون ٺهيل هيون، جيڪي ايشور جي موجودگيءَ جي نشاني هيون ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هيون. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament5 صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جھڙيون شڪليون ٺھيل ھيون، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني ھيون ۽ اھي ڪفارہگاھہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون ھيون. پر ھن وقت انھن ڳالھين جي تفصيل بيان ڪرڻ جو موقعو ناھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.