Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:4 - Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جنهن تي سونو پٽ چڙهيل هو ۽ ٻڌل وچن واري صندوق رکيل هئي. اها صندوق چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي جنهن ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ ٻڌل وچن واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پيالا، ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، رت کڻڻ لاءِ رڪابيون ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا، مقدس ترين جاءِ جي دروازن لاءِ ۽ هيڪل جي دروازن لاءِ پڻ انجيسون.


مون انهيءَ ۾ عهد واري صندوق مقرر ڪيل جاءِ تي رکرائي آهي جنهن ۾ انهيءَ عهد واريون ٻئي تختيون آهن. اهو عهد خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان ان وقت ٻڌو هو جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.“


انهيءَ صندوق ۾ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو، سواءِ پٿر جي انهن ٻن تختين جي جيڪي موسيٰ سينا جبل وٽ منجھس رکيون هيون، جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ عهد ٻڌو هو.


انهيءَ صندوق ۾ انهن ٻن تختين کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ ڪين هو جيڪي موسيٰ ان وقت منجھس رکيون هيون، جڏهن بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ وقت سينا جبل وٽ خداوند ساڻن عهد ٻڌو هو.


اهو پردو تون وڏن پردن جي ڪُنڍن جي هيٺان لٽڪرائي ڇڏج. پوءِ اها عهد واري صندوق، انهيءَ پردي جي اندر آڻي رکائج. هي پردو اوهان جي لاءِ مقدس جاءِ کان مقدس ترين جاءِ کي الڳ ڪندو.


پوءِ جڏهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهائي بس ڪئي، تڏهن کيس عهد واريون ٻہ تختيون ڏنائين. پٿر جي انهن تختين تي خدا پنهنجي آڱر سان پنهنجا حڪم لکيا هئا.


پوءِ موسيٰ موٽيو ۽ جبل تان هيٺ لهي آيو. خدا جي عهد جون ٻئي تختيون سندس هٿن ۾ هيون، جيڪي ٻنهي پاسن کان لکيل هيون.


موسيٰ جڏهن اهي ٻئي عهد واريون تختيون پنهنجي هٿ ۾ کڻي سينا جبل تان هيٺ لٿو پئي، تڏهن کيس اها خبر ڪانہ هئي تہ خداوند سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪري سندس منهن چمڪي رهيو آهي.


بصل‌ايل ٻٻر جي ڪاٺ مان لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ بہ ٺاهي، اها چورس هئي ۽ ان جي ڊيگھہ ۽ ويڪر هڪڙو هڪڙو هٿ هئي. انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هئي. انهيءَ جا سڱ انهيءَ ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هئا.


عهد واري صندوق، انهيءَ جون ٻانهيون ۽ صندوق جو رحمت جو پوش،


انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.


تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“


پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“


ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس.


چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند پٿر جون اهي ٻئي تختيون يعني عهد واريون تختيون مون کي ڏنيون.


جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم.


پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ