Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:25 - Muslim Sindhi Bible

25 زمين واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

25 ڌرتيءَ واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال پوِتر ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري ٻليدان ڪرڻ لاءِ آڪاش ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:25
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سال ۾ هڪ دفعو هارون انهيءَ قربان‌گاهہ جي سڱن تي ڪفاري وارو رت هاري ان کي پاڪ ڪري، ڇاڪاڻ تہ اها قربان‌گاهہ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. اوهان جي سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو دفعو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو رت، جيڪو ڪفاري واسطي آهي، تنهن سان قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪيو وڃي.“


خدا جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ قربان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهيون.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي وسيلي آسمان واري مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ