Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 9:18 - Muslim Sindhi Bible

18 انهيءَ ڪري ئي پهريون عهد بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تنهنڪري پهريون عهد بہ رت کانسواءِ مخصوص نہ ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 انهيءَ ڪري ئي پهريون وچن بہ رت کان سواءِ نہ ٻڌو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اھو ئي سبب آھي جو پھريون عھد بہ رت کان سواءِ قائم نہ ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 9:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جو رت ٿالهہ ۾ رکي اوهين زوفا ٻوٽي جو هڪڙو ڇڳو انهيءَ رت مان ٻوڙي پنهنجي پنهنجي ٻاهرين در جي ٻانهين ۽ سردرن تي لڳائجو. پوءِ صبح تائين اوهان مان ڪوبہ پنهنجي گھر جي در کان ٻاهر نہ نڪري.


پوءِ هن هارون جي پٽن کي اڳتي آندو ۽ ڪجھہ رت کڻي انهن جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو. باقي رت موسيٰ قربان‌گاهہ تي چئني پاسن تي ڇٽڪاري ڇڏيو.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


مطلب تہ عهد ڪرڻ واري جي جيئري هوندي عهد ڪونہ ٿو ٻڌجي. پر هن جي مري وڃڻ سان ئي اهو عهد عمل ۾ ٿو اچي.


هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي


حقيقت ۾ شريعت موجب تقريباً هر شيءِ کي رت سان ئي پاڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين رت نہ ٿو وهايو وڃي تيستائين معافي بہ نہ ٿي ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ