عبرانين 9:14 - Muslim Sindhi Bible14 تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بيعيب قربانيءَ طور پيش ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible14 تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بيعيب ٻليدان طور پيش ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament14 تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بيعيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |