Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 8:10 - Muslim Sindhi Bible

10 پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 پر هاڻ آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ جيڪو وچن آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن ايشور هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 8:10
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجي لاءِ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون گھڙائي تيار ڪر. آءٌ انهن تي اهي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”اهي ڳالهيون تون پاڻ لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ انهن ئي ڳالهين موجب مون تو سان ۽ بني اسرائيل سان عهد ٻڌو آهي.“


اي منهنجا محبوب! تون منهنجو آهين، ۽ آءٌ تنهنجي ئي آهيان، تون ئي رڳو منهنجي سوسن گلن ۾ گھُم،


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


آءٌ ساڻن هڪڙو دائمي عهد ٻڌندس، ۽ پوءِ آءٌ ساڻن چڱائي ڪرڻ کان ڪڏهن بہ باز نہ ايندس. آءٌ هنن جي دل ۾ پنهنجو خوف پيدا ڪندس، تہ جيئن هو مون کان ڦري نہ وڃن.


سو آءٌ انهن منجھہ رهندس ۽ اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي سندن خدا هوندس.


انهيءَ کان پوءِ اڳتي لاءِ بني اسرائيل ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند سندن خدا آهيان.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


تون جيڪا منهنجي قوم آهين، تنهن کي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ قائم ڪري خوشحالي عطا ڪندس. آءٌ تو تي رحم ڪندس، جنهن کي ’رحم جوڳي نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو، آءٌ تو کي پنهنجي قوم پڻ سڏيندس، جنهن کي ’منهنجي قوم نہ آهي‘ سڏيو وڃي ٿو. تڏهن تون مون کي وراڻي ڏيندينءَ تہ ’تون ئي منهنجو خدا آهين.‘“


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس تہ جيئن هو وري يروشلم ۾ رهن. اهي منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ وفا ۽ سچائيءَ سان سندن خدا هوندس.“


هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو خدا نہ، بلڪ جيئرن جو خدا آهي.“


پوءِ جڏهن آءٌ خداوند هنن جا گناهہ ميٽي ڇڏيندس، تڏهن ساڻن منهنجو اهو عهد پورو ٿيندو.“


ڇا اوهين ايترو بہ نہ ٿا ڄاڻو تہ جيڪو ڪڃريءَ سان ميلاپ ڪري ٿو، سو انهيءَ سان گڏجي هڪ بدن ٿي پوي ٿو؟ اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”اهي ٻئي گڏجي هڪ جسم ٿي ويندا.“


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ۽ اوهان جي اولاد کي فرمانبردار دل عطا ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ۽ جيئرا رهو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


هن پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي سچ جي پيغام وسيلي نئين سر پيدا ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس مخلوقات ۾ پهريون ڦل بڻجون.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ