Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:8 - Muslim Sindhi Bible

8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي فاني انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پاڪ ڪلام شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيئرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ هتي فاني انسان ڏهون حصو ٿا وٺن، پر هُتي اُهو ٿو وٺي، جنهن جي نسبت ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ جيئرو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي ناس ٿيندڙ انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابرهام کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پوِتر شاستر شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيوت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 ڪٿي تہ ڏھون حصو فاني انسان ٿا وٺن، پر ھتي اھو شخص ٿو وٺي جنھن جي باري ۾ شاھدي ڏني وڃي ٿي تہ ھو جيئرو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:8
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٿوري وقت کان پوءِ دنيا مون کي وري نہ ڏسندي، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ زندہ آهيان تنهنڪري اوهين بہ زندہ هوندا.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


ڀلا اهي ڪير هئا جن خدا جو آواز ٻڌي کيس چڙ ڏياري؟ ڇا هو اهي سڀ نہ هئا جيڪي موسيٰ جي اڳواڻيءَ ۾ مصر مان نڪتا هئا؟


اهڙيءَ طرح پاڪ لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


اتي عيسيٰ هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.


ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا.


انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي.


هاڻي اسين اهو چئي سگھون ٿا تہ لاوي، جنهن جو اولاد ڏهون حصو اُڳاڙي ٿو، تنهن بہ ابراهيم جي وسيلي ڏهون حصو ڏنو،


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ