Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:5 - Muslim Sindhi Bible

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي موسيٰ جي نيم موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابرهام جي پيڙهيءَ مان ئي آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


يعقوب جي نُنهُن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي جملي ڇاهٺ ڄڻا هئا.


تنهن هوندي بہ تون اهو گھر جوڙائي نہ سگھندين، بلڪ تنهنجو پٽ جيڪو تنهنجو ئي هڏ رت هوندو سو منهنجي نالي تي هڪڙو گھر جوڙائيندو.‘


مون کي اها بہ خبر پيئي تہ لاوين کي سندن حصا ڪونہ ٿي ڏنا ويا. تنهنڪري هيڪل ۾ خدمت لاءِ مقرر لاوي ۽ ڳائڻا پنهنجين پنهنجين ٻنين ڏانهن موٽي هليا ويا هئا.


اهي سڀ ماڻهو جيڪي يعقوب جي نسل مان پيدا ٿيا سي ستر هئا. سندس پٽ يوسف اڳ ۾ ئي مصر ۾ هو.


”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


”هر ٽئين سال، جڏهن اوهين پنهنجي ان سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪريو، تڏهن اهو پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاوين، يتيمن، رنن‌زالن ۽ ڌارين کي ڏجو تہ اهي کائي ڍءُ ڪن.


عزت وارو اهو عهدو ڪوبہ ماڻهو پنهنجو پاڻ حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، جيستائين خدا کيس هارون نالي پهرئين سردار ڪاهن وانگر نہ چونڊي.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِ‌صدق ابراهيم سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ