Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:22 - Muslim Sindhi Bible

22 قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري عيسيٰ هڪ بهتر عهد جو ضامن مقرر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 تنهنڪري يسوع هڪڙي بهتر عهد جو ضامن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 قسم واري انهيءَ فرق جي ڪري يسوع هڪ بهتر ٻڌل وچن جو ضامن مقرر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 انھيءَ قسم جي ڪري عيسيٰ ھڪ بھتر عھد جو ضامن ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:22
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو ضامن آهيان. توهين منهنجي ئي هٿان اهو موٽائي وٺجو. جيڪڏهن آءٌ هن کي وري آڻي توهان جي اڳيان حاضر نہ ڪريان تہ پوءِ آءٌ عمر ڀر توهان جو ڏوهاري ٿيندس.


ٻي ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ ڇوڪر جي لاءِ پنهنجي پيءُ وٽ ضامن پيو هئس. مون کيس چيو هو تہ ’جيڪڏهن آءٌ هن کي موٽائي توهان وٽ نہ آڻيان تہ پوءِ آءٌ عمر ڀر توهان جو ڏوهاري ٿيندس.‘


منهنجي ڀلائيءَ جي واسطي تون منهنجي ذميواري کڻ، تان‌تہ مغرور مون تي ظلم نہ ڪن.


جيڪو ڪنهن اڻ‌واقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي.


اي منهنجا ٻارؤ! فرض ڪريو تہ اوهين ڪنهن اهڙي قرضدار جا ضامن پيا آهيو، جيڪو قرض واپس نہ ٿو ڪري سگھي.


آءٌ ابابيلن ۽ ڪنگن جهڙي جھيڻي آواز ۾ رڙندو ٿي رهيس، مون ڳيري وانگر اوسارا پئي ڪڍيا. منهنجيون اکيون عرش ڏانهن نهاري نهاري ساڻيون ٿي پيون هيون. سو مون چيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ستايل آهيان، تون اچي منهنجو ساڻي ٿيءُ.


اهو ڌاريو حڪمران آخري هڪڙن ستن سالن جي لاءِ گھڻن ئي ماڻهن سان مضبوط عهد اقرار ڪندو. انهيءَ مدي جي اڌ وقت گذرڻ تي هو هيڪل ۾ قرباني ۽ نذرانو بند ڪرائي ڇڏيندو ۽ هيڪل اندر بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ رکي ويندي، ايستائين جو انهيءَ شيءِ جي رکندڙ تي مقرر ڪيل غضب اچي نازل ٿيندو.“


هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي گناهن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو.


تڏهن عيسيٰ چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو.


ساڳيءَ ريت کائڻ کان پوءِ پيالو کڻي چيائين تہ ”هي پيالو خدا جو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. اهو رت اوهان جي لاءِ وهائجي ٿو.


اهڙيءَ طرح هن ماني کائڻ کان پوءِ مئي جو پيالو بہ کنيو ۽ چيائين تہ ”هي پيالو اهو نئون عهد آهي، جيڪو منهنجي رت جي وسيلي ٻڌو وڃي ٿو. جڏهن بہ اهو پيالو پيئو تہ منهنجي يادگيريءَ لاءِ ائين ڪندا رهجو.“


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


ان کان علاوہ هي بہ فرق آهي تہ موت لاوي ڪاهنن کي قائم رهڻ نہ ٿي ڏنو، تنهنڪري انهن مان گھڻا ئي ڪاهن مقرر ٿيندا رهيا.


خدا هن عهد کي نئون چئي پهرئين عهد کي پراڻو قرار ڏنو ۽ جيڪا شيءِ پراڻي ۽ جھوني ٿي ويندي آهي، سا مِٽجڻ کي ويجھو هوندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ