Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:20 - Muslim Sindhi Bible

20-21 ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت خدا خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ خدا انهيءَ ڪاهن يعني عيسيٰ کي هيئن چيو تہ ”آءٌ خداوند قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اِهو قسم کڻڻ کانسواءِ مقرر نہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20-21 ان کان علاوہ هيءَ ڳالهہ بہ آهي تہ انهيءَ ڪاهن کي مقرر ڪرڻ وقت ايشور خود قسم کنيو، جڏهن تہ لاوي ڪاهنن کي مقرر ڪرڻ وقت هن ڪو قسم نہ کنيو. هائو، پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ايشور انهيءَ ڪاهن يعني يسوع کي هيئن چيو تہ ”آءٌ پرميشور قسم ٿو کڻان، جنهن کان آءٌ ڪڏهن ڪين ڦرندس تہ تون هميشہ جي لاءِ ڪاهن آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 اھو سڀ قسم کڻڻ کان سواءِ نہ ٿيو. جيتوڻيڪ ٻيا قسم کان سواءِ ڪاھن مقرر ٿيا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:20
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“


پر رڳو تون ۽ تنهنجا پٽ ئي ڪهانت واريون ذميواريون پوريون ڪجو، جيڪي قربان‌گاهہ لاءِ ۽ پردي پٺيان مقدس ترين جاءِ ۾ ادا ڪرڻيون آهن. آءٌ ڪهانت جي خدمت جو شرف اوهان کي بخشيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو مخصوص شين جي ويجھو ايندو تہ اُهو ماريو ويندو.“


اهڙيءَ طرح پاڪ لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ