Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ابراهيم هن کي مالِ‌غنيمت جي سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو بادشاهہ“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو بادشاهہ بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي سلامتي، سو هو ”سلامتيءَ جو بادشاهہ“ بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ ابراهيم هن کي سڀني شين جو ڏهون حصو ورهائي ڏنو. هو پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب پهرين راستبازيءَ جو بادشاهہ آهي ۽ پوءِ شاليم يعني سلامتيءَ جو بادشاهہ بہ آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 ابرهام هن کي دشمن لشڪر کان هٿ آيل سڀني شين جو ڏهون حصو ڏنو. ملڪِ‌صدق پنهنجي نالي جي معنيٰ موجب ”سچائيءَ جو راجا“ آهي. پر جيئن تہ هو سالم شهر جو راجا بہ آهي ۽ سالم لفظ جي معنيٰ آهي شانتي، سو هو ”شانتيءَ جو راجا“ بہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ابراھيم ھن کي سڀني شين جو ڏھون حصو ورھائي ڏنو. ملڪصدق پنھنجي نالي جي معنيٰ موجب پھريائين ”سچائيءَ جو بادشاھہ“ آھي، تنھن کان پوءِ شاليم جو بادشاھہ بہ آھي، يعني ”سلامتيءَ جو بادشاھہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“


بني اسرائيل جو خدا جيڪو اسان جو محافظ آهي، تنهن مون کي هي فرمايو آهي تہ ’جيڪو بادشاهہ سچائيءَ سان حڪم هلائي ٿو، ۽ مون خدا کان ڊڄندي بادشاهي ڪري ٿو،


دائود سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪئي. هو پنهنجي سڄي رعيت سان عدل ۽ انصاف ڪندو هو.


پر تو کي هڪڙو پٽ ڄمندو جيڪو صلح پسند هوندو ۽ آءٌ کيس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان آرام ڏيندس. هن جو نالو سليمان هوندو ۽ آءٌ هن جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ بني اسرائيل کي امن ۽ سلامتي ڏيندس.


سندس ڏينهن ۾ شل سچار ماڻهو وڌن ۽ آباد ٿين! جيستائين بہ سج چنڊ قائم رهي تيستائين خوشحالي رهي.


سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي.


بيشڪ انهيءَ جي اچڻ سان خوشحالي ۽ سلامتي ملندي. جڏهن اشوري اسان بني اسرائيل جي ملڪ تي اچي حملو ڪندا ۽ اسان جي ڪوٽن وارن شهرن ۾ گھڙي ايندا، تڏهن اسين پنهنجي گھڻن ئي طاقتور سالارن جي اڳواڻيءَ ۾ سندن مقابلو ڪنداسين.


خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


پر هاڻي هو ائين نہ ٿو ڪري. انهيءَ جي بدران پنهنجي سچائي ڏيکاريندي خدا اهو ظاهر ٿو ڪري تہ هو سچو آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي پڻ پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.


هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


هو اوهان جي اناج ۽ انگورن جي فصل جو ڏهون حصو وٺي پنهنجي عملدارن ۽ خدمتگارن کي ڏيندو.


هو اوهان جي رڍن ٻڪرين جو ڏهون حصو وٺندو ۽ اوهين پاڻ سندس غلام ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ