Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هو شريعت جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني نسل مان نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب ملڪِ‌صدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 جو جسماني حڪم جي شريعت موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 هو نيم جي قاعدي موجب ڪنهن خاص انساني پيڙهيءَ مان نہ، پر ابناسي جيون جي شڪتيءَ موجب ملڪِ‌صدق جهڙو ڪاهن مقرر ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ھو جسماني قاعدن موجب نہ، پر غير فاني زندگيءَ جي طاقت موجب مقرر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت روحاني آهي. پر منهنجي فطرت انساني آهي ۽ آءٌ گناهہ جي هٿ وڪاميل آهيان.


ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن دنيا جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين.


پر هاڻي جڏهن اوهين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟


پنهنجي حڪمن واري انهيءَ دستاويز کي مِٽائي ڇڏيو، جيڪو اسان بابت ۽ اسان جي خلاف هو. هائو، هن انهيءَ کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻي اسان کان پري ڪري ڇڏيو.


جيئن تہ اوهين مسيح سان گڏ هن دنيا جي ابتدائي اصولن جي بنسبت مري ويا آهيو، تہ پوءِ ڇو اهڙي زندگي ٿا گذاريو جو ڄڻ تہ اوهين هن دنيا جا آهيو؟ ڇو اهڙن دنياوي قاعدن جي تابعداري ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا تہ


ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي.


هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِ‌صدق جهڙو ئي آهي.


انهيءَ بابت پاڪ ڪلام ۾ شاهدي ڏني ويئي آهي تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


شريعت تہ انهن کي سردار ڪاهن مقرر ڪري ٿي جيڪي ڪمزور انسان آهن، پر اهو قسم، جيڪو شريعت کان پوءِ خدا کنيو، سو سندس فرزند کي هميشہ جي لاءِ ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿو ڪري.


هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


۽ اهو آهيان جيڪو جيئرو رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيئرو رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي دنيا جون چاٻيون مون وٽ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ