Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو خداوند، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ قربان‌گاهہ جي خدمت ڪانہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ جنهن جي بابت اهي ڳالهيون ڪيون ويون، سو ٻئي قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪنهن بہ قربانگاهہ جي خدمت نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو پرڀو، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ ٻليدان واري جاءِ جي سيوا ڪانہ ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 جنھن بابت اھي ڳالھيون ڪيون ويون، سو ٻي قبيلي جو آھي ۽ انھيءَ قبيلي مان ڪنھن بہ ماڻھوءَ قربان⁠گاھہ جي خدمت ڪانہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:13
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.


پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“


بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.


ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو.


هائو، هو يهوداہ قبيلي جو آهي، جنهن مان ڪاهن ٿيڻ جي باري ۾ موسيٰ ڪجھہ بہ ڪونہ چيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ