Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 7:11 - Muslim Sindhi Bible

11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ شريعت وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور خدا لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي جيڪڏهن ليويءَ واري ڪهانت جي ڪري ڪماليت حاصل ٿئي ها (جو انهيءَ جي ماتحت اُمت کي شريعت ملي آهي،) تہ پوءِ ڪهڙي گهُرج هئي، تہ ٻيو ڪاهن ملڪ صدق جي طريقي جو پيدا ٿئي ۽ نہ هارون جي طريقي جو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 بني اسرائيل قوم وارا لاويءَ واري ڪاهنيءَ جي انتظام هيٺ نيم وارا ٿيا. سو جيڪڏهن انهيءَ ڪاهنيءَ جي وسيلي ماڻهو مڪمل طور ايشور لاءِ مخصوص ٿي وڃي ها، تہ پوءِ ٻئي ڪاهن جي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي جيڪو پهرئين لاوي سردار ڪاهن هارون جي نہ، پر ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ليکيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 لاويءَ واري ڪاھنيءَ جي بنياد تي قوم کي شريعت ملي ھئي. سو جيڪڏھن انھيءَ ڪاھنيءَ جي وسيلي ڪا ڪماليت ھجي ھا تہ پوءِ ٻئي ڪاھن جي اچڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي جيڪو ھارون جي نہ، پر ملڪصدق جي طريقي ۾ شمار ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 7:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مطلب تہ آءٌ خدا جي فضل کي هٿان نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻ تہ سچائي جيڪڏهن شريعت جي وسيلي ملي ها تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ها.


ساڳيءَ طرح اسين بہ ڪنهن وقت ڄڻ تہ ٻار هئاسين جڏهن دنيا جي شروعاتي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رهياسين.


پر هاڻي جڏهن اوهين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوهان کي ڄاتو آهي تہ پوءِ اوهين وري انهن ڪمزور ۽ خسيس شروعاتي اصولن ڏانهن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوهين ٻيهر انهن جي غلاميءَ ۾ رهڻ ٿا چاهيو؟


اهڙيءَ طرح پاڪ لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


اتي عيسيٰ هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن ملڪِ‌صدق ابراهيم سان گڏيو هو، تڏهن لاوي اڃا پنهنجي ابي ڏاڏي جي بدن ۾ هو.


ڳالهہ هيءَ بہ آهي تہ جڏهن ڪاهني بدلجي ٿي، تڏهن ان سان واسطو رکندڙ شريعت جو بدلجڻ بہ لازمي ٿي پوي ٿو.


اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي تہ اسان جو خداوند، جنهن بابت هي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، سو لاوي نہ پر ٻئي قبيلي جو آهي جنهن مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ قربان‌گاهہ جي خدمت ڪانہ ڪئي آهي.


هاڻ بدلجڻ واري اها ڳالهہ اڃا بہ وڌيڪ صاف ٿي وڃي ٿي، جڏهن هڪ ٻيو ڪاهن ظاهر ٿئي ٿو، جيڪو ملڪِ‌صدق جهڙو ئي آهي.


ڏسو، جيڪڏهن انهيءَ پهرئين عهد ۾ گھٽتائي نہ هجي ها تہ ڪنهن ٻئي عهد ٻڌجڻ جو سبب ئي پيدا نہ ٿئي ها.


جيئن تہ انهن شين جو اهڙو انتظام ٿيل هو، سو مقدس خيمي جي پهرئين ڪمري ۾ ڪاهن خدمت ڪرڻ لاءِ ڪنهن بہ وقت داخل ٿيندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ