Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 6:18 - Muslim Sindhi Bible

18 سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تان تہ (واعدو ۽ قسم) ٻہ بي تبديل ڳالهيون، جن جي نسبت ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي، تن جي وسيلي اسان کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي، تہ جيڪا اُميد اسان جي اڳيان رکيل آهي، تنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ پناهہ وٺڻ واسطي ڊوڙي آيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اھڙيون شيون آھن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آھي. ھاڻي خدا ائين ھن ڪري ڪيو تہ اسين، جيڪي سندس پناھہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آھيون، تن کي پڪيءَ طرح خاطري ٿئي تہ انھيءَ اميد کي جيڪا اسان جي اڳيان رکي آھي ھٿ ڪري سگھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 6:18
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جلدي ڪر، اوڏانهن ڀڄي وڃ. جيستائين تون اتي نہ پهچندين تيستائين آءٌ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھان.“ سو انهيءَ شهر جو نالو صغر پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ لوط ان کي ننڍڙو ڪوٺيو.


اها خبر يوآب تائين وڃي پهتي، جنهن ابي‌سلوم سان نہ پر ادونياہ سان ملي‌ڀڳت ڪئي هئي. سو هو خداوند جي خيمي ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وڃي قربان‌گاهہ جا سڱ جھلي بيٺو.


خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين هر وقت انهيءَ تي ئي ڀروسو رکو. اوهين پنهنجي دل جون ڳالهيون خدا آڏو کولي رکو، هو ئي تہ اسان جي پناهہ آهي.


جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن.


منهنجي ڏنل سکيا تي سدائين ثابت قدم رهو ۽ انهيءَ کان هيڏي هوڏي نہ ڦرو. انهيءَ کي محفوظ رکو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي زندگيءَ جو بنياد آهي.


تنهن هوندي بہ جيڪڏهن منهنجي قوم کي اهي نقصان ڏيندڙ مون وٽ امن وَ سلامتيءَ سان رهڻ چاهين، تہ پوءِ منهنجي طاقت جي پناهہ ۾ اچڻ لاءِ پهريائين مون سان صلح ڪن.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ، هائو، آءٌ ئي اوهان کي دلداري ڏيندڙ آهيان. پوءِ اوهين ڇو ڪنهن فاني انسان ۽ بني آدم کان ٿا ڊڄو، جيڪو گاهہ جيان سڪي سڙي ويندو؟


خداوند اهڙن ماڻهن لاءِ هيئن ٿو فرمائي تہ ”جيڪي بہ اهڙا ماڻهو منهنجي سبت وارا ڏينهن ملهائين ٿا، منهنجي پسند واريون ڳالهيون اختيار ڪن ٿا، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن،


انهن بدڪارين جي ڪري تو اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، بلڪ اسان کان منهن موڙي ڇڏيو اٿيئي. هاڻ ڪوبہ اهڙو ڪونهي، جيڪو تنهنجو نالو وٺي تو کان دعا گھري، نہ ئي ڪو اهڙو آهي جيڪو تنهنجي عبادت ڪري.


سو خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي جلاوطنؤ! اوهين، جيڪي مون تي آسرو ڪيو ويٺا آهيو، هاڻي پنهنجي قلعي واري شهر يروشلم ۾ موٽي اچو. هاڻي ئي ٻڌي ڇڏيو تہ آءٌ اوهان کي ٻيڻو اجورو عطا ڪندس.


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ خدا شل اوهان کي هيءَ توفيق ڏئي جو اوهين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو،


خدا عيسيٰ کي اهڙو ڪفارو بڻايو، جو سندس جان جي قربانيءَ جي ڪري جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي ٿو تنهن جا گناهہ معاف ڪيا وڃن ٿا. خدا ان مان پنهنجي سچائي ظاهر ڪري ڏيکاري ٿو. جڏهن تہ هن کان اڳي خدا بردباري ڪندي ماڻهن جي گناهن کي درگذر ٿي ڪيو،


بلڪل نہ. خدا هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي خدا! تون هميشہ پنهنجي قولن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو فتح حاصل ڪئي آهي.“


اها اميد اسان کي شرمندو ٿيڻ نہ ٿي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڪ روح اسان کي عطا ڪيو ويو آهي، تنهن جي وسيلي خدا جي اسان سان محبت اسان جي دلين ۾ ڀري ويئي آهي.


هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا ۽ اسان جي اميد مسيح يعني عيسيٰ جي حڪم سان سندس رسول آهيان.


تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


تنهنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي.


ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون.


اهو انهيءَ لاءِ تہ جيڪو اتفاق سان يا بناارادي ڪنهن کي ماري وجھي، سو اوڏانهن ڀڄي وڃي خون جي بدلي وٺڻ واري کان پناهہ ۾ رهي.


هاڻ جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، تڏهن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس پيغام موجود نہ آهي.


جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان رکي ٿو، سو دل سان اها شاهدي قبول ڪري ٿو. پر جيڪو انهيءَ کي قبول نہ ٿو ڪري سو ڄڻ تہ خدا کي ڪوڙو ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو خدا جي انهيءَ شاهديءَ تي يقين نہ ٿو ڪري، جيڪا سندس فرزند جي حق ۾ آهي.


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ