Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:9 - Muslim Sindhi Bible

9-10 ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي خدا جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو سبب بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ ڪامل بڻجي پنهنجن سڀني فرمانبردارن لاءِ ابدي نجات جو باني ٿيو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9-10 ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 پوءِ ڪامل بڻجي ھو پنھنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو باني بڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي گيت جي وسيلي تنهنجو نالو سڀني پيڙهين تائين ياد رهندو، انهيءَ ڪري قومون سدائين تنهنجي واکاڻ ڪنديون رهنديون.


ڏس، تون باطن جي سچائيءَ کي پسند ٿو ڪرين، تنهنڪري باطن منجھہ ئي مون کي دانائي سيکار.


مون سان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جون ڳالهيون ڪر، تان‌تہ آءٌ خوش ٿيان توڙي جو تو مون کي دٻائي پيڙيو آهي.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


اي اوهين سڀ! جيڪي خداوند جو خوف ٿا رکو، ۽ سندس ٻانهي جو حڪم ٿا مڃو، جيتوڻيڪ اوهين روشنيءَ جي بجاءِ اونداهيءَ ۾ ٿا هلو، تڏهن بہ خداوند پنهنجي خدا تي پوري توڪل رکو.


اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.


تنهنجي قوم بني اسرائيل ۽ تنهنجي پاڪ شهر يروشلم لاءِ ستر دفعا ستن ستن سالن جو مدو مقرر ٿيو آهي. جيئن انهيءَ عرصي ۾ منجھائن خطاڪاري ۽ گناهہ ختم ٿي وڃن، هائو، کانئن بدڪاري دور ٿي وڃي. دائمي سچائي قائم ٿئي، تان‌تہ رويا ۽ اڳڪٿي سچا ثابت ٿين ۽ هيڪل کي مسح ڪري مخصوص ڪيو وڃي.


اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”انهيءَ لومڙ کي وڃي چئو تہ آءٌ اڄ ۽ سڀاڻ ڀوت پيو ڪڍان ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو پيو ڪريان ۽ پرينهن پنهنجو ڪم رسائي پورو ڪندس.


عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ ڇوٽڪارو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ملي.“


اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پاڪ روح بہ، جو خدا انهن کي ڏنو آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“


انهيءَ جي ئي معرفت خدا مون تي اهو ڪرم ڪيو جو آءٌ رسول مقرر ٿيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ مسيح جي نالي خاطر سڀني قومن جي ماڻهن کي هي پيغام ڏيان تہ هو ايمان آڻي فرمانبردار ٿين.


پر بني اسرائيل مان سمورن اها خوشخبري قبول نہ ڪئي آهي، جيئن يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنهن ايمان آندو؟“


سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي خدا جو تابعدار ڪرڻ لاءِ منهنجي قول ۽ فعل جي وسيلي ڪيا.


پر جيڪي خودغرض آهن ۽ سچ کي نہ پر ڪوڙ کي ٿا مڃين، تن تي خدا جو غضب ۽ قهر نازل ٿيندو.


حقيقت ۾ اوهين اڳي گناهہ جا غلام هئا، پر خدا جو شڪر آهي جو هاڻي اوهين انهيءَ سونپيل تعليم تي هلندي دل وَ جان سان ان جي تابع ٿيا آهيو.


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي خدا کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي تابع ٿا ڪريون.


تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


هاڻ اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح پاڻ ۽ اسان جو پيءُ خدا، جنهن اسان سان محبت رکي ۽ پنهنجي فضل جي ڪري اسان کي هميشہ جي تسلي ۽ چڱي اميد ڏني،


تنهنڪري آءٌ خدا جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح ۾ ٿو ملي، تنهن کي اهي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


حقيقت ۾ خدا، جنهن جي لاءِ ۽ جنهن جي وسيلي سڀ شيون پيدا ٿيون آهن، تنهن کي اهو مناسب لڳو تہ گھڻن ٻارن کي عظمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کي تڪليفن جي وسيلي سندن ڇوٽڪاري جو ڪامل وسيلو بڻائي.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري دل وَ جان سان پاڻ ۾ گَهري محبت رکو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ