Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ يسوع زار زار روئي دانهون ڪري انهي کان دعائون گهُريون، جو کيس موت کان بچائي ٿي سگهيو، ۽ سندس خدا ترسيءَ جي ڪري اهي دعائون قبول پيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 يسوع پنهنجي شرير واري جيون ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري ايشور کي پرارٿنائون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب سان وس هيٺ رهڻ جي ڪري سندس پرارٿنائون قبول پيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 عيسيٰ پنھنجي جسماني زندگيءَ ۾ زارون زار روئي ۽ دانھون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انھيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:7
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڏکويلن جي ڏک جي خداوند ڪڏهن حقارت نہ ڪئي آهي، ۽ نہ وري انهيءَ کي نظرانداز ڪيو اٿائين. هن انهن کان ڪڏهن بہ پنهنجو منهن نہ موڙيو آهي، بلڪ جڏهن بہ هنن کيس پڪاريو آهي، تڏهن انهن جي ٻُڌي اٿائين.“


اي خدا! تون مون کي بچاءِ، ڇوجو پاڻي منهنجي ڳچيءَ تائين اچي پهتو آهي.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اوهان کي ڇڏائڻ جو وقت ايندو، تڏهن آءٌ اوهان جون دعائون قبول ڪندس، ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي حفاظت ڪندس، ۽ اوهان جي وسيلي ٻين قومن سان عهد ٻڌندس. اوهين پنهنجي تباهہ ٿيل ملڪ کي وري اڏيندا، ۽ انهن ويران ٿيل ورثي وارين جاين کي اچي نئين سر آباد ڪندا.


هو پنهنجي ڏکن واري زندگيءَ کان پوءِ وري خوشيون ڏسندو. هن کي مون بابت وڏو عرفان حاصل هوندو، سو منهنجو اهو سچار ٻانهو گھڻن ئي کي سچار قرار ڏيندو، ۽ انهن جون خطائون پنهنجي سر تي کڻندو. هائو، هن جي خاطر آءٌ گھڻن ئي کي معاف ڪري ڇڏيندس.


هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.


پوءِ اهو هارون جي پٽن وٽ کڻي اچي، جيڪي ڪاهن آهن. ڪاهن انهيءَ تيل گڏيل ميدي مان، سڄي لوبان سميت هڪڙي مٺ ڀري کڻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي، ائين ڪرڻ سان هن ڄڻ تہ سڄي قرباني ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


پوءِ عيسيٰ وڏي رڙ ڪندي دم ڏنو.


۽ عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنهنجو روح تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“


انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي بابا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي فرزند جو جلوو ظاهر ڪر تہ جيئن فرزند جي معرفت تنهنجو جلوو ظاهر ٿئي.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


خدا جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين عيسيٰ مسيح جي بدن جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ قربان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهيون.


تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ ”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو.


ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي،


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن عيسيٰ پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني ابليس کي ناس ڪري.


پر جيڪو ماڻهو عيسيٰ بابت انهيءَ ڳالهہ کي نہ ٿو مڃي، تنهن ۾ خدا جو روح نہ آهي. انهيءَ ۾ مسيح جي مخالف جو روح آهي، جنهن بابت اوهان ٻڌو آهي تہ اهو روح اچڻ وارو آهي، بلڪ هاڻي دنيا ۾ اچي چڪو آهي.


اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ