Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هاڻي ڏسو، جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آهي ۽ هو سچائيءَ جي ڄاڻ بابت بي‌سمجھہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو جيڪو کير پياڪ آهي، تنهن کي راستبازيءَ جي ڪلام جو ڪوبہ آزمودو ڪونهي، جو هو اڃا ٻار آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هاڻي ڏسو، جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آهي ۽ هو سچائيءَ جي ڄاڻ بابت بي‌سمجھہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھاڻي جيڪو رڳو کير تي ٿو پلي، سو اڃا ٻارڙو آھي ۽ ھن کي سچائيءَ جي تعليم بابت ڪو آزمودو ڪونھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:13
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇڏائڻ لاءِ اوسيئڙو ڪندي منهنجيون اکيون ڌنڌلائجي ويون آهن. هائو، ڇڏائڻ وارو تنهنجو واعدو واجھائيندي، منهنجي نظر گھٽجي ويئي آهي.


اهي مون بابت شڪايت ڪندي چون ٿا تہ ”يسعياہ ڪنهن کي ٿو علم سيکارڻ چاهي؟ هو ڪنهن کي ٿو پيغام سمجھائڻ چاهي؟ ڇا اسين ٻار آهيون جن کان هينئر ئي ٿڃ ڇڏائي ويئي هجي، يا جيڪي ٿڻن کان هن وقت ئي پري ڪيا ويا هجن؟


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪو خدا جي بادشاهيءَ کي هڪ ننڍي ٻار وانگر ٿي قبول نہ ڪندو، تيستائين اهو ان ۾ داخل نہ ٿيندو.“


اسين بي‌سمجھن کي سمجھائيندڙ ۽ نوجوانن جا استاد آهيون، ڇاڪاڻ تہ شريعت جي صورت ۾ سڄي ڄاڻ ۽ حق سچ اسان وٽ موجود آهي.“


جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن روحاني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن دنياوي ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.


تہ جيئن اسين ٻارڙا نہ رهون. مطلب تہ اسين ماڻهن جي ٺڳيءَ ۽ سندن مڪاريءَ وارن گمراهہ ڪندڙ منصوبن جي ڪري هر ڪوڙي تعليم جي وسيلي هيڏانهن هوڏانهن گهلبا نہ وتون.


پاڪ ڪلام جي هر لکت جو سرچشمو خدا ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، تنبيهہ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.


انهن جي بدران جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوهين بہ خدا جي فرمانن وارين نج ڳالهين جا طلبگار ٿيندا تہ انهن جي وسيلي مڪمل ڇوٽڪاري ڏانهن وڌندا ويندا.


ياد رکو، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ