Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 5:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو نذرانا ۽ گناهن لاءِ قربانيون پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن جو ماڻهن مان ٿو چونڊجي؛ سو ماڻهن جي لاءِ انهن ڳالهين واسطي مقرر ڪيو ٿو وڃي، جي خدا سان لاڳاپو ٿيون رکن، انهي لاءِ تہ نذر ۽ گناهن جون قربانيون ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 ڏسو، هر ڪو سردار ڪاهن ماڻهن مان چونڊجي ايشور سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾ ماڻهن جي ئي نمائندگيءَ لاءِ انهيءَ ڪري مقرر ٿو ڪجي، تہ جيئن هو ڀيٽائون ۽ پاپن لاءِ ٻليدان پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 حقيقت ۾ ھر ڪو سردار ڪاھن جيڪو ماڻھن مان ٿو چونڊجي، سو ماڻھن جي ئي لاءِ خدا سان تعلق رکندڙ ڳالھين واسطي مقرر ٿو ڪجي، انھيءَ لاءِ تہ ھو نذر ۽ گناھن لاءِ قربانيون ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 5:1
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”تون هارون ۽ سندس پٽن کي پاڻ سان وٺي، سندن ڪهانت واري خاص پوشاڪ، مسح ڪرڻ جو تيل، پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ وهڙو، ٻہ گھٽا ۽ بي‌خميري مانين جي ٽوڪري کڻي،


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون قربان‌گاهہ جي ويجھو وڃ ۽ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ڪر ۽ پنهنجي لاءِ ڪفارو ادا ڪر. پوءِ تون امت واسطي بہ قربانيون پيش ڪر ۽ انهيءَ لاءِ ڪفارو ادا ڪر، جيئن خداوند حڪم ڏنو آهي.“


تنهنڪري آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان.


جيڪا خوشخبري مون کي ملي، تنهن کي سڀ کان اهم سمجھي اوهان تائين پهچايم. اها هيءَ آهي تہ مسيح پاڪ ڪلام مطابق اسان جي گناهن جي واسطي پنهنجي جان ڏني.


شريعت موجب هر هڪ ڪاهن روزانو بيهي ديني خدمت ٿو ڪري ۽ هر هر ساڳيون ئي قربانيون ٿو چاڙهي، جيڪي ڪڏهن بہ گناهن کي مِٽائي نہ ٿيون سگھن.


پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“


ايمان جي ڪري ئي هابيل خدا آڏو قابيل کان وڌيڪ سٺي قرباني پيش ڪئي. انهيءَ جي ڪري خدا سندس نذرانو قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي ايمان جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.


تنهنڪري اهو لازمي هو تہ هو پاڻ بہ هر طرح پنهنجي ڀائرن ڀينرن وانگر ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هو اهڙو سردار ڪاهن ٿئي، جيڪو رحمدل ۽ وفادار هجي ۽ ماڻهن جي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھي.


ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.


جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.


جيڪڏهن هو اڃا زمين تي هجي ها تہ ڪڏهن بہ ڪاهن نہ ٿئي ها، ڇاڪاڻ تہ هتي ڪاهن شريعت مطابق مقرر ٿي نذرانا چاڙهيندا آهن.


اهو خيمو هاڻوڪي زماني لاءِ هڪڙو مثال آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي تہ جيڪي نذرانا ۽ قربانيون ڏنيون وينديون آهن، سي عبادت ڪندڙ کي ضمير جي نسبت سان ڪامل ڪري نہ ٿيون سگھن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ