Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 4:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سو جنهن کي خدا کان آرام ملي ٿو، سو خدا وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿو ٿئي، تنهن کي بہ پنهنجن ڪمن کان اهڙيءَ طرح آرام ٿو ملي، جهڙيءَ طرح خدا پنهنجن ڪمن کان آرام ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 سو جنهن کي ايشور کان آرام ملي ٿو، سو ايشور وانگر پنهنجي ڪمن کي پورو ڪري آرام حاصل ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو جيڪو خدا جي آرام ۾ داخل ٿئي ٿو، سو بہ پنھنجي ڪمن کان پوءِ ائين آرام ڪري ٿو جيئن خدا ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 4:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم جيڪو پورو ڪيو هئائين، تنهن کان فارغ ٿيو.


عيسيٰ اها مئي چوسي چيو تہ ”هاڻي پورو ٿيو.“ پوءِ هن پنهنجو ڪنڌ جھڪايو ۽ دم ڏنائين.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر مسيح هڪڙي ئي قرباني هميشہ جي واسطي چاڙهي گناهن کي مِٽائي ڇڏيو. پوءِ هو ”خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.“


انهيءَ مان سمجھي سگھجي ٿو تہ خدا جي چونڊيلن لاءِ اهڙو آرام باقي رهيل آهي، جيڪو خدا جي ستين ڏينهن واري آرام جهڙو آهي.


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اهو لک تہ ’سڀاڳا آهن اهي، جيڪي اڄ کان وٺي خداوند عيسيٰ جا ٿي ٿا مرن.‘“ پاڪ روح چوي ٿو تہ ”هائو، اهي پنهنجي پورهين کان واندا ٿي آرام ڪندا، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي ڪمن جو نتيجو پاڻ سان کڻي ٿا وڃن.“


تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ خدمت ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ