Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ خدا قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ۽ اهي ڪير هئا جن لاءِ ايشور قسم کڻي فرمايو تہ ”هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها“؟ ڇا هو اهي نہ هئا جن نافرماني ڪئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ۽ اھي ڪير ھئا جن لاءِ خدا قسم کڻي چيو تہ ”ھو منھنجي آرام ۾ ڪڏھن بہ داخل نہ ٿيندا“؟ ڇا ھو اھي نہ ھئا جن نافرماني ڪئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:18
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇاڪاڻ تہ هنن خدا تي ايمان نہ آندو، ۽ مٿس ڀروسو نہ ڪيائون تہ هو ڪو کين بچائي سگھي ٿو.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”آخر ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي توهين ڪندا رهندا؟ انهن معجزن جي باوجود بہ، جيڪي مون منجھن ڪيا آهن، هي ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟


سو جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو مون انهن جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو، سو اهي هرگز نہ ڏسندا. نڪي انهن مان ڪو اهو ملڪ ڏسندو جن منهنجي توهين ڪئي آهي.


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي ڇينڀيندي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان مون تي يقين نہ ڪيو تڏهن اوهان بني اسرائيل جي اڳيان منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي. تنهنڪري اوهين هن قوم کي انهيءَ ملڪ ۾ نہ پهچائيندا جيڪو آءٌ هنن کي ڏيڻ وارو آهيان.“


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي دائمي زندگي مليل آهي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اها زندگي ڪڏهن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رهي ٿو.


ڏسو، گذريل وقت ۾ اوهين غير قوم وارا بہ خدا جا نافرمان هئا، پر هاڻي خدا بني اسرائيل جي نافرمانيءَ جي ڪري اوهان تي رحم ڪيو آهي.


جڏهن خداوند اوهان کي قادش‌برنيع کان روانو ڪري چيو تہ ’وڃي انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪريو جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي،‘ تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم خلاف بغاوت ڪئي. اوهان هن تي اعتبار نہ ڪيو ۽ سندس چيو نہ مڃيو.


تنهنڪري مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ ’هو انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندا، جتي آءٌ کين آرام ڏيان ها.‘“


تنهنڪري اچو تہ اسين وڏي جذبي سان انهيءَ آرام کي حاصل ڪريون، انهيءَ لاءِ تہ متان ائين نہ ٿئي جو اسان مان ڪو انهن نافرمانن جي نموني تي هلندي خدا جي غضب هيٺ اچي وڃي.


ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.


هاڻي ڏسو، جن کي آرام واري اها خوشخبري پهريائين ٻڌائي ويئي هئي، تن پنهنجي نافرمانيءَ جي ڪري آرام حاصل نہ ڪيو. جڏهن تہ اهو آرام ماڻهن کي ملڻ لاءِ اڃا تائين قائم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ