Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:14 - Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو اسين مسيح سان شريڪ ٿيا آھيون، بشرطيڪ اسين پنھنجي شروع واري يقين تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رھون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


سو خدا جي مهربانيءَ ۽ سختيءَ کي ڌيان ۾ رکو. هو سختي انهن تي ٿو ڪري جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن، جڏهن تہ اوهان تي مهرباني ٿو ڪري. پر شرط هي آهي تہ اوهين سندس مهربانيءَ جو قدر ڪندا رهو، نہ تہ اوهين بہ ڀڃي اڇلايا ويندا.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


جيئن تہ ماني هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو بدن آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ مانيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.


اهو سڀ ڪجھہ آءٌ خوشخبريءَ جي خاطر ٿو ڪريان تہ جيئن انهيءَ جي برڪتن ۾ حصيدار ٿيان.


اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.


’هن خراب پيڙهيءَ جو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ چڱي ملڪ کي هرگز ڪين ڏسندو، جنهن جي عطا ڪرڻ لاءِ مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌ايمان ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


اسان جا دنياوي پيئر ٿورن ڏينهن جي لاءِ پنهنجي سمجھہ مطابق اسان کي سيکت ڏيندا هئا. پر خدا جيڪا سيکت اسان کي ڏئي ٿو، سا اسان جي ڀلائيءَ جي لاءِ آهي، تہ جيئن اسين سندس پاڪائيءَ ۾ شامل ٿيون.


تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


اسان جي خواهش آهي تہ اوهان مان هر ڪو خدمت ڪرڻ ۾ ساڳي سرگرمي پڇاڙيءَ تائين ڏيکاريندو رهي، تہ جيئن جن ڳالهين جي اوهين اميد رکو ٿا سي پوريون ٿين.


پر هيءَ ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ جن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ سان گڏ آسمان واري بخشش جو سواد چکيو آهي، پاڪ روح جي برڪت ۾ شريڪ ٿيا آهن


اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.


اوهان ۾ جيڪي ڪليسيائن جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جلوي ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ