Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون هميشہ گمراهہ رهن ٿيون. انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 هائو، آءٌ انهيءَ پيڙهيءَ کان ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انهن ماڻهن جون دليون هميشہ ڀَٽڪيل رهن ٿيون. انهن منهنجي واٽن تي هلڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 تنھنڪري انھيءَ پيڙھيءَ کان آءٌ ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ ’انھن ماڻھن جون دليون ھميشہ گمراھہ ٿينديون رھن ٿيون. انھن منھنجي واٽن کي ڪين سڃاتو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 3:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس.


هن ٻي ڪنهن بہ قوم کي اهڙيءَ نموني پنهنجي قاعدن قانونن کان آگاهہ ڪين ڪيو آهي. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


تان‌تہ سڄيءَ دنيا تي سندس واٽ پڌري ٿئي. هائو، جيئن سڀني قومن کي سندس ڇڏائڻ واري قدرت نظر اچي.


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


پوءِ هو پنهنجي ابن ڏاڏن جيان ضدي ۽ فسادي نہ ٿيندا، يعني اهڙا ماڻهو جن جون دليون ڏنگيون هيون، ۽ جيڪي پنهنجي خدا سان وفادار نہ هئا.


آءٌ چاليهن سالن تائين ان پيڙهيءَ کان بيزار رهيس، ۽ چيو هئم تہ ’هي اهڙا ماڻهو آهن جن جون دليون گمراهہ آهن، ۽ جيڪي منهنجي راهن تي هلڻ کان انڪاري آهن.‘


ڪاهن توڙي نبي سڏائيندڙ بہ مئي جي ڪري ڀلجي ويا آهن. اهي نشي وارين شين ۾ غرق ٿي ٿاٻڙبا ٿا وتن. سو اهي رويا ڏسڻ ۾ ڀلجن ٿا، ۽ انصاف ڪرڻ ۾ ٿاٻڙجن ٿا.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“


ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم پنهنجي هٿن سان ٺاهيل ڪاٺيءَ جي پتلي کي کوڙي ان کان ئي سوال ٿي ڪري. هائو، ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪن ٻين شين کان پڻ اهي صلاح مشورو گھرن ٿا. جيئن ڪا عورت پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڪسبياڻي بڻجي ٻين وٽ وڃي ٿي، تيئن ئي اهي مون پنهنجي خدا کي ڇڏي بتن جي پٺيان لڳا آهن.


جڏهن ٻين ڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا.


عيسيٰ کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


تنهنڪري ئي اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سچائي ٻڌايان ٿو.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


شايد ڪو هيئن چوي تہ ”پوءِ جيڪڏهن منهنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاهر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟“


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


پوءِ هو پنهنجن ڌارين معبودن کان جند ڇڏائي خداوند جي عبادت ڪرڻ ۾ لڳي ويا. بني اسرائيل جو برو حال خداوند کان وڌيڪ ڏٺو نہ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ