Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو خدا جي فضل سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”عزت ۽ عظمت وارو تاج“ پارايو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 پر اسين يسوع کي ٿا ڏسون، جو خدا جي فضل سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جي لاءِ موت جو سواد چکڻ جي واسطي، ملائڪن کان ٿورو گهٽ ڪيو ويو، ۽ موت جو عذاب سهڻ ڪري جلال ۽ عزت جو تاج پهرايو ويس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 پر اسين يسوع کي ڏسون ٿا، جنهن کي ”دوتن کان ٿورڙو گھٽ“ ڪيو ويو هو، تہ جيئن هو ايشور جي ڪرپا سان هر انسان لاءِ موت جو ذائقو چکي. سو جيئن تہ هن موت جي تڪليف سٺي، تنهنڪري کيس ”مان‌سمان ۽ مهانتا وارو تاج“ پارايو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 مگر اسين عيسيٰ کي ڏسون ٿا، جنھن کي موت سھڻ ڪري عزت ۽ عظمت وارو تاج پارايو ويو آھي. ھن کي ملائڪن کان انھيءَ ڪري ٿورڙو گھٽ ڪيو ويو ھو، تہ جيئن ھو خدا جي فضل سان ھر انسان لاءِ موت جو مزو چکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 2:9
39 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تنهنجي ۽ عورت جي وچ ۾ دشمني وجھندس. تنهنجي نسل ۽ عورت جي نسل ۾ هميشہ دشمني رهندي. عورت جو نسل تنهنجي منڍي چٿيندو ۽ تون هن جي کُڙي ڏنگيندين.“


جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو ابنِ آدم کي بادشاهہ جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“


اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي قدرت سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين خدا جي بادشاهيءَ کي نہ ڏسندا.“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پيءُ مون سان پيار ٿو ڪري.


جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“


ڏسو، خدا دنيا سان ايترو تہ پيار ڪيو جو هن پنهنجو هڪڙو ئي فرزند ڏنو تہ جيڪو بہ مٿس ايمان آڻي سو برباد نہ ٿئي پر کيس دائمي زندگي ملي.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري ٿو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.“


تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا، هائو، اسان جي وڏن جي خدا پنهنجي ٻانهي عيسيٰ کي عظمت بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو.


جهڙيءَ طرح هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جي ڪري سڀني ماڻهن لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جاري ٿي، تهڙيءَ طرح هڪڙي جي سچائيءَ واري ڪم جي وسيلي سڀني ماڻهن کي خدا ڏانهن سچار بڻجي زندگي حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.


پر خدا اسان سان پنهنجو پيار انهيءَ مان ثابت ٿو ڪري جو جڏهن اسين اڃا گنهگار ئي هئاسين تہ مسيح اسان جي لاءِ جان ڏني.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


هن تہ پنهنجو فرزند بہ اسان کان پري نہ رکيو، بلڪ کيس اسان سڀني جي خاطر موت جي حوالي ڪيو. پوءِ ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا هو انهيءَ سان گڏ اسان کي نہ ڏيندو؟


هو سڀني جي لاءِ انهيءَ ڪري مري ويو تہ جيڪي جيئرا آهن سي اڳتي پنهنجي لاءِ نہ پر هن جي لاءِ جيئرا رهن، جيڪو انهن جي خاطر مري ويو ۽ وري جيئرو ٿي اٿيو.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


تو سچائيءَ سان محبت، ۽ شريعت جي ڀڃڪڙيءَ کان نفرت رکي. تنهنڪري مون يعني تنهنجي خدا تو کي بيحد خوشيءَ واري نعمت سان مخصوص ڪري تنهنجي سنگتين کان تو کي مٿاهون ڪيو.“


تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ ”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو.


ايمان جي ڪري ئي حنوڪ مٿي آسمان ڏانهن کنيو ويو، تہ جيئن موت کي نہ ڏسي. جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن جو ڪوبہ پتو ڪونہ پيو، ڇاڪاڻ تہ خدا مٿي کڻي ورتس.“ اهو هن ڪري ٿيو جو سندس کڄي وڃڻ کان اڳ هن بابت اها شاهدي ڏني ويئي هئي تہ ”هو خدا کي پسند آيو آهي.“


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تو هن کي ملائڪن کان ٿورڙو گھٽ ڪيو آهي. تو هن کي عزت ۽ عظمت وارو تاج پارائي


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.


اهو ئي اسان جي گناهن جو ڪفارو ڏيڻ واري قرباني آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي جهان جي گناهن جو ڪفارو پڻ.


هن جون اکيون ڄڻ تہ باهہ جا شعلا آهن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آهن. هن تي هڪڙو نالو لکيل آهي، جيڪو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ