Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سڀني کي سلام ڏجو. اٽليءَ جا ايمان وارا بہ اوهان کي سلام ٿا چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن سڀني کي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن کي سلام ڏجو. اطاليہ وارا اوهان کي سلام ٿا ڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 پنهنجي اڳواڻن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سڀني کي نمسڪار ڏجو. اٽليءَ وارا وشواسي بہ اوهان کي نمسڪار ٿا چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 پنھنجي سڀني اڳواڻن ۽ سڀني ايمان وارن کي سلام ڏجو. اٽليءَ وارا بہ اوھان کي سلام ٿا چون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس زال پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو


پوءِ جڏهن سامونڊي جهاز ۾ چڙهي اسان جو اِٽليءَ جي شهر روم ڏانهن وڃڻ جو مقرر وقت آيو، تڏهن هنن پولس ۽ ٻين قيدين کي رومي لشڪر جي شهنشاهہ واري پلٽڻ جي هڪ صوبيدار يوليس جي حوالي ڪيو.


پر حننياہ چيس تہ ”اي خداوند! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي ايمان رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


اهڙن ماڻهن ۽ جيڪي بہ انهن سان گڏجي خدمت وارو ڪم ڪن ٿا، تن سڀني جي اوهين فرمانبرداري ڪريو.


هي خط مون پولس، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن آهي.


شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ خدا جو پيار ۽ پاڪ روح جي صحبت اوهان سڀني سان هجي.


هي خط مون پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان آهي، جيڪي مسيح يعني عيسيٰ جا ٻانها آهيون. هي خط ڪليسيا جي نگهبانن ۽ خادمن سميت عيسيٰ مسيح ۾ انهن سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو جيڪي فلپي شهر ۾ رهن ٿا.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پاڪ ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي سلام ٿا ڏين.


هي خط ڪلسي شهر ۾ رهندڙ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي مسيح ۾ وفادار ڀائر ڀينر آهن. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي.


جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون خداوند عيسيٰ تي ايمان رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


اوهين پنهنجي اڳواڻن کي ياد ڪريو، جن اوهان کي مسيح بابت خدا جو پيغام ٻڌايو. انهن پنهنجي زندگي جيڪا ڀلائي ڪندي گذاري، تنهن تي ويچار ڪريو ۽ انهن جي ايمان جي نموني موجب هلو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ