Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 13:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تڏهن اچو تہ انهي جي وسيلي هميشہ خدا جي تعريف جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهن چپن جو ڦل، جي سندس نالي جو اقرار ٿا ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 تنهنڪري اچو تہ اسين يسوع جي وسيلي ايشور آڏو سدائين سندس مهما جو ٻليدان ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل ڀيٽا ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 تنھنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي سدائين خدا جي واکاڻ جي قرباني ڪندا رھون، يعني انھيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 13:15
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ حزقياہ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”جيئن تہ اوهان پاڻ کي خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيو آهي. سو هاڻ خداوند جي گھر آڏو قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا وڃن.“ تنهن تي ماڻهن قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جا نذرانا پيش ڪيا. ان کان علاوہ ڪيترن ئي ماڻهن تہ پنهنجي دل جي خوشيءَ سان ساڙڻ واريون قربانيون بہ پيش ڪيون.


پوءِ هن خداوند جي قربان‌گاهہ جي مرمت ڪرائي ۽ انهيءَ تي سلامتيءَ جون قربانيون ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ هو خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪن.


ڪاهن پنهنجين مقرر جاين تي بيهي رهيا، ۽ لاوي بہ انهن جي سامهون اهي ساز وڄائي خداوند جي واکاڻ ڪرڻ لڳا، جيڪي دائود بادشاهہ خداوند جي واکاڻ ڳائڻ لاءِ ٺهرايا هئا. هنن انهيءَ مهل ساز وڄائي دائود جو شڪرگذاريءَ وارو هي مقرر ڪيل گيت ڳايو تہ ”خداوند جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ ڪاهن شرنايون وڄائيندا رهيا ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو بيٺا رهيا.


هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.


اهڙيءَ طرح شڪرگذاري ڪندڙ ٻئي ٽوليون خدا جي گھر ۾ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيون. مون بہ اڌ ماڻهن سميت ائين ئي ڪيو.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهن خوشيون ڪندي وڏيون قربانيون پيش ڪيون، ڇو تہ خدا کين تمام وڏي خوشي عطا ڪئي هئي. عورتن ۽ ٻارن پڻ خوشي ملهائي. يروشلم ۾ خوشيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


اي دربانؤ! مقدس هيڪل جا دروازا کولي ڇڏيو، تان‌تہ هيڪل ۾ داخل ٿي آءٌ خداوند جو شڪر ادا ڪريان.“


اي خداوند! منهنجي واتان شڪراني جا نذرانا قبول فرماءِ، ۽ مون کي پنهنجا قاعدا قانون سيکار.


سو اي خداوند! آءٌ قومن ۾ تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، آءٌ تنهنجي نالي جي ساراهہ پيو ڳائيندو رهندس.


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


جيڪي قربانيءَ طور منهنجي شڪرگذاري ٿا ڪن، سي ئي منهنجي تعظيم ٿا ڪن. جيڪي پنهنجيءَ چال کي ٺيڪ ٿا رکن، تن کي آءٌ پنهنجي ڇڏائڻ واري طاقت ڏيکاريندس.“


جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


هائو، اوهين خداوند آڏو توبهہ ڪندي کيس هيئن چئو تہ ”اي خداوند! اسان جون سڀ خطائون معاف ڪر، ۽ اڳتي هلي اسين جيڪي نيڪيون ڪريون سي تون قبول ڪر. هاڻ اسين رڳو تنهنجي ئي واکاڻ ڪنداسون.


جيڪڏهن هو اها قرباني شڪرگذاريءَ جي لاءِ پيش ڪري تہ جانور ذبح ڪرڻ سان گڏ ميدي جون تيل ۾ ڳوهيل بي‌خميري مانيون، تيل مکيل بي‌خميري ٽڪيون ۽ تيل ۾ ڳوهي پچايل ڍوڍا پيش ڪري.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيئن تہ خدا جي اسان تي وڏي رحمت آهي، سو آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجي سڄي بدن کي اهڙي قربانيءَ لاءِ نذر ڪريو، جيڪا زندہ، پاڪ ۽ خدا کي پسند هجي. اها ئي حقيقي عبادت آهي جيڪا اوهان کي احتياط سان ڪرڻ گھرجي.


اوهان جي انساني فطرت واري ڪمزوريءَ جي ڪري آءٌ اوهان کي غلاميءَ جو هي عام رواجي مثال ڏيئي سمجھائي رهيو آهيان. جيئن اڳي اوهان بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي حرامڪاريءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، تيئن هاڻي پاڪ ٿيڻ لاءِ پاڻ کي سچائيءَ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي،


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ