Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 اوهين جو ڏک سَهو ٿا سو اوهان جي تربيت لاءِ آهي؛ خدا اوهان سان اهڙي هلت ٿو ڪري جهڙي پٽن سان ڪبي آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڪهڙو پٽ آهي، جنهن کي سندس پيءُ تربيت نٿو ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پتا سيکت نہ ٿو ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 انھيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رھو، خدا اوھان سان ٻچن جھڙي ھلت ٿو ڪري. ڇالاءِ⁠جو اھو ڪھڙو ٻار آھي، جنھن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.


جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.


پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي.


هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي.


مار ڏيڻ ۽ ڇينڀڻ ٻارن کي ڏاهپ ٿو سيکاري، مگر جيڪي ٻار پنهنجي منهن ڇڏيا ٿا وڃن، سي پنهنجي والدين لاءِ شرمندگيءَ جو سبب ٿا بڻجن.


اي والدين! پنهنجي ٻارن جي صحيح نموني تربيت ڪريو، تہ اهي اوهان کي ڪڏهن بہ پريشان نہ ڪندا. بلڪ انهن جي ڪري اوهان کي دلي سڪون ملندو.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.


اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.


اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟


جڏهن تنهنجا پٽ حفني ۽ فينحاس ٻئي هڪڙي ئي ڏينهن مري ويندا، تڏهن اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي تہ منهنجيون چيل ڳالهيون سچيون ثابت ٿينديون.


مون کيس اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آءٌ سندس پٽن جي بدڪاري، جنهن جي کيس خبر هئي پر هن کين انهيءَ کان ڪين روڪيو، تنهن جي ڪري سندس گھراڻي کي هميشہ جي لاءِ سزا ڏيڻ وارو آهيان. سندس پٽن منهنجي غضب کي پنهنجو پاڻ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ