Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جنهن سان خدا محبت ٿو رکي، تنهن کي هو تربيت ٿو سيکاري ۽ جنهن کي پٽ ٿو ٺهرائي، تنهن کي سيکت ٿو ڏئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 ڏس، پرميشور جنهن سان پريم ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جنھن سان خداوند محبت ٿو رکي، تنھن کي ھو سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنھن کي ٻار ٿو بڻائي، تنھن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:6
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.


منهنجي لاءِ اهو چڱو ٿيو جو مون ڏک سٺا، ڇاڪاڻ تہ ان جي نتيجي ۾ مون تنهنجا قانون سکي ورتا.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


جيڪو پنهنجي ٻار تي لڪڻ نہ ٿو کڻي، سو ڄڻ پنهنجي ٻار کان نفرت ٿو ڪري. مگر جنهن کي پنهنجي ٻار سان محبت آهي، سو انهيءَ کي بروقت سيکت ٿو ڏئي.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو.


انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


اي خداوند! جيتري سيکت جا اسين لائق آهيون سا ڀلي ڏي، پر پنهنجي ڪاوڙ سان نہ، متان اسين ناس ٿي وڃون.


هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟


اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين صبر سان تڪليفون سهڻ وارن کي سڀاڳو ٿا سڏيون. اوهان ايوب جي صبر بابت تہ ٻڌو آهي ۽ اها بہ خبر اٿوَ تہ پڇاڙيءَ ۾ خداوند هن لاءِ ڇا ڇا ڪيو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ خداوند نهايت ٻاجھارو ۽ رحم وارو آهي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


تڏهن نعوميہ جو مڙس اِليملڪ وفات ڪري ويو ۽ هوءَ پنهنجي پٽن سميت اڪيلي وڃي بچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ