Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اوهان اُها نصيحت وساري ڇڏي آهي جا پٽن وانگر اوهان کي ڪئي ويئي هئي، تہ ”اي منهنجا فرزند، خداوند جي سيکت کي ڪين جهڙو نہ ڄاڻ، جڏهن اهو تو کي ڇينڀي، تڏهن دل نہ لاهہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! پرميشور جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي ڇينڀي، تڏهن همت نہ هار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اوھين انھيءَ ھمتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آھيو، جيڪا اوھان کي ٻارن وانگر ڪئي ويئي آھي تہ ”اي منھنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏھن ھو تو کي تنبيھہ ڪري، تڏھن ھمت نہ ھار.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:5
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي ايوب! تون پنهنجا گناهہ خدا آڏو ڇو نہ ٿو باسين؟ ڇو نہ ٿو واعدو ڪرين تہ وري گناهہ نہ ڪندين؟


بيشڪ خداوند مون کي گھڻي کان گھڻي سيکت ڏني، پر تڏهن بہ مون کي موت جي حوالي ڪين ڪيائين.


جيتوڻيڪ منهنجي جان هر وقت تريءَ تي ٿي رهي، تنهن هوندي بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نہ ٿو وساريان.


آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن کان خوش پيو رهندس. ۽ تنهنجي فرمان کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


مصيبت جي اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ گمراهہ هئس، پر هاڻي آءٌ تنهنجي فرمان تي عمل ڪريان ٿو.


اي خداوند! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تنهنجا فيصلا سچا آهن، ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تو پنهنجي سچائيءَ مطابق مون کي ڏک ڏنا آهن.


جيتوڻيڪ منهنجو حال ڀڳل ٺڪر جهڙو اچي ٿيو آهي، تڏهن بہ مون تنهنجي قانونن کي ڪين وساريو آهي.


اي خداوند! اهي سڀاڳا آهن جن کي تون سيکت ڏين ٿو، بيشڪ اهي ئي سڀاڳا آهن جن کي تون شريعت سيکارين ٿو.


اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو.


ڏاهپ ۽ سمجھہ حاصل ڪر. منهنجي نصيحتن کي پوريءَ طرح دل ۾ سانڍي رک ۽ ڪنهن بہ هڪ کي نظرانداز نہ ڪر.


يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.


هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟


هو هتي ڪونهي پر جيئرو ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ


تڏهن عورتن کي هن جا اهي لفظ ياد آيا.


پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.


سو اوهين بہ انهيءَ سيکت کي برداشت ڪندا رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان سان ٻچن جهڙي هلت ٿو ڪري. اهو ڪهڙو ٻار آهي جنهن کي سندس پيءُ سيکت نہ ٿو ڏئي؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ نصيحت جي هنن ڳالهين تي صبر سان پوريءَ طرح غور ڪريو. حقيقت ۾ مون اوهان ڏانهن اهي مختصر طور لکيون آهن.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو آزمائش ۾ ثابت قدم ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ ڪامياب قرار ڏنو وڃڻ تي کيس فتح جو تاج، يعني اها زندگي حاصل ٿيندي جنهن جو واعدو خدا پاڻ سان محبت رکڻ وارن سان ڪيو آهي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي تنبيهہ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ