Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هائو، جنهن هستيءَ گنهگارن جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو جنهن گنهگارن جي طرفان ايتري مخالفت سَٺي، تنهن تي غور ڪريو، تان تہ اوهين بيزار ٿي همت نہ هاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 هائو، جنهن هستيءَ پاپين جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 انھيءَ تي غور ڪريو، جنھن گنھگارن جي طرفان ايتري مخالفت برداشت ڪئي، تان تہ اوھين بيزار ٿي ھمت نہ ھاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:3
46 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو ماڻهو ڪمزور ليکيو وڃي ٿو، جيڪو مصيبت جي وقت ڪمزور ٿيو پوي.


خداوند خدا مون کي تسلي ڏيڻ جا لفظ سيکاريا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڄاڻان تہ ڪنهن ٿڪل ماڻهوءَ کي ڪهڙيءَ طرح همتائي ٿو سگھان. هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، ۽ مون ۾ اها خواهش ٿو پيدا ڪري، تہ آءٌ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهان.


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


جڏهن فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ائين نہ آهي، بلڪ هو ڀوتن جي سردار بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ڪڍي ٿو.“


”تنهنجا شاگرد وڏن جي مذهبي ريتن رسمن کي ڇو ٿا ڀڃن؟ ماني کائڻ وقت هو پنهنجا هٿ ئي نہ ٿا ڌوئن.“


عيسيٰ جڏهن هيڪل ۾ اچي تعليم پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ عيسيٰ کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس نبي ڪري پئي مڃيو.


تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.


هڪ دفعي عيسيٰ سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر ماني کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


پوءِ شمعون انهن لاءِ برڪت گھري ۽ ٻار جي ماءُ مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو خدا جي طرفان تنبيهہ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


تنهن تي شريعت جا عالم ۽ فريسي دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ ”هي تہ ڪفر ٿو بڪي! خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


جڏهن عيسيٰ هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“


انهيءَ سبب اهي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا.


ماڻهن ۾ عيسيٰ بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي گمراهہ ڪري رهيو آهي.“


تنهن تي فريسين کيس چيو تہ ”تون پنهنجي شاهدي پاڻ ئي ٿو ڏئين، سو تنهنجي شاهدي سچي نہ سمجھي ويندي.“


تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابراهيم مري ويو ۽ نبي بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘


تنهن تي انهن عيسيٰ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر عيسيٰ پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“


تہ پوءِ اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! مضبوط ۽ ثابت قدم رهو. خداوند عيسيٰ جي ڪم ۾ هميشہ وڌندا هلو، اهو ڄاڻيندي تہ سندس خدمت ۾ اوهان جو پورهيو اجايو نہ آهي.


سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


تنهنڪري اسين همت نہ ٿا هاريون. جيتوڻيڪ جسماني طور اسين فنا ٿيندا ٿا وڃون، تڏهن بہ روحاني طور ڏينهون ڏينهن نوان ٿيندا پيا وڃون،


اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن همت نہ هارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.


هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو.


ان کان علاوہ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين چڱائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن نہ ٿڪجو.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اوهين انهيءَ همتائيندڙ نصيحت کي وساري ويٺا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ ”اي منهنجا ٻچا! خداوند جي سيکت کي خسيس نہ سمجھہ، ۽ جڏهن هو تو کي تنبيهہ ڪري، تڏهن همت نہ هار.


تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


هن گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنهن کي گار نہ ڏني ۽ تڪليفون سهي بہ ڪنهن کي ڪونہ ڌمڪايائين، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪيائين.


منهنجي نالي جي ڪري اوهين سختيون سهندي سهندي بہ ڪين ٿڪا آهيو، بلڪ ثابت قدميءَ سان هلندا ٿا رهو.


اوهين رڳو ايترو ڪريو جو خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ دل وَ جان سان ۽ سچائيءَ سان سندس عبادت ڪريو. ويچار ڪري ڏسو تہ هن اوهان جي لاءِ ڪيڏا نہ وڏا ڪم ڪيا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ