Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر اوهين صيون جبل وٽ، زندہ خدا جي شهر، يعني آسمان واري يروشلم وٽ آيا آهيو، ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي جيوت ايشور جي شهر وارن جيان ايشور جي شرڻ ۾ آيا آهيو. اتي آڪاشي يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار دوتن جي محفل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:22
49 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.


سو انهيءَ عظيم بادشاهہ جو شهر آهي. بلڪ صيئون جبل ئي خدا جو گھر آهي. اهو جبل بلنديءَ ۾ خوشنما، ۽ سڄي ڌرتيءَ جي خوشيءَ جو باعث آهي.


خداوند پنهنجي بي‌شمار جنگي گاڏين سان، بلڪ هزارين لکين گاڏين سان، سينا جبل تان پنهنجي مقدس جاءِ ۾ آيو.


آءٌ تو خداوند جي بارگاهہ جي لاءِ سِڪان ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ لاءِ آسائتو ٿو رهان. سو آءٌ خوشيءَ وچان تو جيئري خدا جي واکاڻ جا گيت ٿو ڳايان.


اي خدا جا شهر! ڏس، تنهنجي باري ۾ ڪيڏيون نہ چڱيون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.


اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.


انهيءَ ڏينهن وڏي آواز سان نفيل وڄائي ويندي، تان‌تہ اشور ۽ مصر ملڪ ۾ جلاوطن ٿيل سڀيئي بني اسرائيل موٽي اچن. سو اهي موٽي ايندا ۽ پاڪ جبل تي اڏيل شهر يروشلم ۾ اچي خداوند جي عبادت ڪندا.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ بنياد رکڻ لاءِ هڪڙو مضبوط پيڙهہ جو پٿر رکان ٿو، جيڪو نهايت اهم ۽ ڀروسي جهڙو هوندو. جيڪو بہ انهيءَ تي يقين ڪندو، تنهن کي ڪڏهن بہ لوڏو نہ ايندو.


هاڻي بہ جن کي تون ڇڏائيندين، سي خوشيءَ وچان ڳائيندا وڄائيندا، ۽ نعرا هڻندا يروشلم ۾ موٽي ايندا. اهي هميشہ هميشہ لاءِ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا پيا ملهائيندا. غم ۽ رنج سندن ويجھو بہ نہ ايندو.


مون آسمانن کي ڦهلائي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي، ۽ زمين جا بنياد وڌا اٿم. آءٌ يروشلم وارن کي چوان ٿو تہ ’اوهين منهنجي قوم آهيو، مون ئي اوهان کي علم ڏيڻ سيکاريو آهي، ۽ پنهنجي هٿ هيٺ اوهان کي پناهہ ڏني اٿم.‘“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل! آءٌ يروشلم ۾ اوهان جي بچاءَ لاءِ ايندس ۽ انهن سڀني ماڻهن کي ڇڏائيندس، جيڪي پنهنجن گناهن کان پشيمان آهن.


اي يروشلم جي وسندي! جن تو کي ستايو آهي، تن جو اولاد عاجزيءَ وچان سر جھڪائي تو وٽ ايندو. جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي، سي سڀ تنهنجي پيرن ۾ جھڪي تنهنجي تعظيم ڪندا. اهي تو کي ’بني اسرائيل جي پاڪ معبود جو شهر صيئون،‘ ۽ ’خداوند جو شهر‘ ڪري سڏيندا.


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


تہ پوءِ اوهان جي شهر تي دائود جي جاءِ‌نشينن جي بادشاهي قائم رهندي ۽ هي شهر هميشہ لاءِ آباد رهندو. تڏهن بادشاهہ پنهنجن عملدارن سميت هن شهر جي دروازن مان پيا لنگھندا. هائو، اهي پنهنجن عملدارن سميت جنگي گھوڙي گاڏين ۽ گھوڙن تي سوار ٿي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن جي همراهيءَ ۾ شهر ۾ پيا ايندا ويندا.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


سندس حضور مان تجلو باهہ واري نهر جي صورت ۾ وهي ٿي نڪتو. هزارين هزار، بلڪ لکين لک ماڻهو، خدمت چاڪريءَ لاءِ سندس حضور ۾ بيٺا هئا. تڏهن عدالت شروع ٿي ويئي ۽ ڪتاب کوليا ويا.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


پر جيڪو بہ مون خداوند جو نالو وٺي ٻاڏائيندو، سو بچي ويندو. جيئن مون اڳ واعدو ڪيو آهي تہ صيئون جبل تي يروشلم ۾ جن کي مون چونڊي ڪڍيو آهي، سي سڀ بچي ويندا.“


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“


نڪي زمين جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اها خدا جي پيرن جي صندلي آهي. اوهين نہ يروشلم جو قسم کڻو، ڇاڪاڻ تہ اهو وڏي بادشاهہ خدا جو شهر آهي


انهيءَ طرح پوري بني اسرائيل قوم ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”صيئون مان ڇوٽڪارو ڏيندڙ ايندو. هو يعقوب جي اولاد مان سندن بي‌دينيءَ کي ڪڍي ڇڏيندو.


اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“


پر خدا جي حضوريءَ وارو يروشلم آزاد آهي ۽ اها ئي وسندي اسان جي ماءُ سارہ آهي.


تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوڄا کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين زندہ ۽ سچي خدا جي عبادت ڪريو


خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


سو ياد رکو، زندہ خدا جي پڪڙ وڏي خوفناڪ آهي.


ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.


پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ زمين تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا طلبگار آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


حنوڪ، جيڪو آدم جي ستين پيڙهيءَ مان هو، تنهن بہ انهن ماڻهن جي باري ۾ اڳڪٿي ڪندي چيو هو تہ ”ياد رکو، خداوند پنهنجي لکين ملائڪن سان ايندو.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


هو مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ هڪڙي وڏي ۽ مٿاهين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شهر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لهندو ڏيکاريائين.


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


جيڪڏهن ڪو هن ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ خدا زندگي ڏيندڙ وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ