Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 12:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ يسوع، جو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي، تنهن ڏانهن نهاريندا رهون، جنهن انهيءَ خوشيءَ جي واسطي جا سندس لاءِ مقرر هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جو ڏک سَٺو، ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اچو تہ اسين عيسيٰ ڏانھن نھاريندا رھون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آھي. ھن انھيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا بعد ۾ کيس ملڻي ھئي، شرمندگيءَ جي پرواھہ نہ ڪري صليب جو ڏک سٺو ۽ خدا جي تخت جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 12:2
78 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي مدد گھرڻ لاءِ مصر ڏانهن ٿا ڊوڙن. اهي مصر جي بي‌شمار گھوڙن، ۽ جنگي گھوڙي گاڏين تي ڀاڙي ويهن ٿا، ۽ انهن جي سوارن تي اهو سمجھندي ڀروسو ٿا ڪن تہ اهي نهايت طاقتور آهن. پر اهي خداوند، بني اسرائيل جي پاڪ معبود تي ڀروسو نہ ٿا ڪن ۽ انهيءَ کان مدد نہ ٿا گھرن.


اي ڌرتيءَ جا سمورا رهاڪؤ! اوهين سڀ مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ امن وَ سلامتي حاصل ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي خداوند آهيان، ڪو ٻيو ڪونهي.


هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ هن وقت خداوند بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. پر آءٌ خداوند تي ڀروسو ٿو رکان ۽ منهنجي اميد آهي تہ اڳتي هلي انهن تي عمل ڪيو ويندو.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.


سو موسيٰ هڪڙو پتل جو نانگ ٺاهيو ۽ انهيءَ کي هڪڙي ٿوڻيءَ تي لٽڪائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن بہ ڪنهن ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگيو ٿي تڏهن ان پتل جي نانگ ڏانهن ٿي نهاريو تہ مرڻ کان بچي ٿي ويو.


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


هن وڌيڪ چيو تہ ”اي ابا! اي منهنجا بابا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پاڪ ڪلام ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ ابنِ آدم گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟


تنهن تي ڇوڪري جي پيءُ هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ ايمان رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو ايمان ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“


عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌايو.“


تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي‌عزتو ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون.


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.


جڏهن آءٌ ڌرتيءَ کان مٿي چاڙهيو ويس تہ سڀني کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندس.“


عيسيٰ ڄاتو ٿي تہ ”پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آيو آهيان ۽ خدا ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


اوهان جي پيءُ ابراهيم کي اميد هئي تہ هو منهنجي اچڻ جو ڏينهن ڏسندو، سو هو ڏاڍو خوش هو. پوءِ هن اهو ڏينهن ڏٺو ۽ بيحد خوش ٿيو.“


سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو عيسيٰ، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهي ماري ڇڏيو، خدا تنهن کي خداوند بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“


اهڙيءَ طرح اوهان زندگيءَ جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون.


نہ رڳو ايترو پر خدا کيس مالڪ ۽ ڇوٽڪارو ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ سندن گناهہ بخشي ڇڏي.


رسول ڪائونسل مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ خدا کين انهيءَ لائق بڻايو تہ عيسيٰ جي نالي جي ڪري سندن بي‌عزتي ٿي.


بيشڪ، صليب جو هي پيغام انهن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي.


پر اسين صليب تي چاڙهيل مسيح جي منادي ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي.


مسيح انهن جو خدا سان ميل ميلاپ ڪرائي ٻنهي کي هڪڙو بدن بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح پنهنجي صليبي موت وسيلي انهن جي دشمني ختم ڪرائي ڇڏيائين.


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.


ڇا خدا ملائڪن مان ڪڏهن بہ ڪنهن کي فرمايو تہ ”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ، جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان“؟


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


سو هن هڪڙي قرباني چاڙهڻ سان انهن کي هميشہ جي لاءِ خدا وٽ ڪامل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي مخصوص ۽ پاڪ ڪيا ويا آهن.


ڪڏهن تہ اوهين ڦٽ لعنت ۽ ستائجڻ جي ڪري خود سرِعام تماشو بڻيا ۽ ڪڏهن وري اوهان اهڙين حالتن ۾ ڦاٿل ماڻهن جو ساٿ ڏنو.


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


هائو، جنهن هستيءَ گنهگارن جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.


سو اچو تہ اسين سندس خواري پاڻ تي کڻي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هن وٽ هلون.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي خدا جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ دائمي ڇوٽڪاري جو سبب بڻيو.


ڇاڪاڻ تہ شريعت ڪنهن بہ ڳالهہ کي مڪمل ڪري نہ سگھي. سو انهيءَ جي بدران اسان کي هڪ بهتر اميد ڏني ويئي آهي، جنهن جي وسيلي اسين خدا وٽ وڃي ٿا سگھون.


انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جو روح، جيڪو انهن ۾ هو تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ عظمت حاصل ڪندو.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


جڏهن مون هن کي ڏٺو تہ سندس پيرن تي ڪري مُڙدي وانگر پئجي رهيس. هن پنهنجو ساڄو هٿ مون تي رکي چيو تہ ”ڊڄ نہ، آءٌ شروعات، پڇاڙي


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


هن مون کي سمرنا واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو شروعات ۽ پڇاڙي آهي، جيڪو مري ويو هو ۽ وري جيئرو ٿيو، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ