Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ايمان ئي جي ڪري هو واعدي مليل ملڪ ۾ اهڙيءَ طرح مسافر ٿي رهيو، جهڙيءَ طرح ڪو پرديس ۾ رهي، ۽ اسحاق ۽ يعقوب، جي انهي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، تن سوڌو تنبن ۾ رهڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 وشواس جي ڪري ئي ايشور جي وچن ڪيل ملڪ ۾ ابرهام تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اضحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ ايشور جي ساڳئي وچن ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابرهام وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ايمان جي ڪري ئي ھو خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ھڪ پرديسيءَ وانگر رھيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث ھئا، سي بہ ابراھيم وانگر تنبن ۾ رھندا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.


هو ڪنعان جي ڏاکڻي پاسي کان هلندو بيت‌ايل ڏانهن وڌي آيو ۽ بيت‌ايل ۽ عئي ٻنهي شهرن جي وچ تي انهيءَ هنڌ اچي پهتو جتي پهريائين تنبو کوڙيو هئائين.


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


ابراهيم تڪڙو تڪڙو پنهنجي تنبوءَ ۾ ويو ۽ سارہ کي چيائين تہ ”جلدي ڪر ۽ ٽي ماپا سٺو اٽو کڻي، ان کي ڳوهي مانيون پچائي وٺ.“


پوءِ هنن ابراهيم کان پڇيو تہ ”تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟“ هن جواب ڏنن تہ ”اها تنبوءَ ۾ آهي.“


ابراهيم گھڻن ڏينهن تائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو.


”آءٌ اوهان وٽ ڌاريو ۽ مسافر آهيان. مون کي قبرستان جي لاءِ زمين جو ٽڪرو وڪرو ڪري ڏيو تہ آءٌ پنهنجو مُڙدو اتي دفن ڪريان.“


ڇوڪرا وڏا ٿيا. عيسو هوشيار شڪاري ۽ جھنگ جو جھانگي بڻيو، جڏهن تہ يعقوب ماٺ ميٺ ۾ ۽ گھريلو زندگي گذارڻ وارو هو.


شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“


پوءِ لابن يعقوب سان وڃي گڏيو. يعقوب جِلعاد جبل تي پنهنجو تنبو کوڙيو هو، سو لابن ۽ سندس مائٽن بہ اتي ئي تنبو کوڙيو.


يعقوب پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ ممري ۾ آيو جيڪو قريت‌اربع يعني حبرون شهر جي ويجھو آهي، اتي ابراهيم ۽ اسحاق رهندا هئا.


سندن مال ملڪيت ايتري تہ گھڻي ٿي ويئي هئي جو هو گڏ رهي نہ ٿي سگھيا. هو جنهن هنڌ رهيل هئا اتي گھڻي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين ٿي سگھيو.


يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“


انهيءَ وقت بني يعقوب بلڪل ئي ٿورا هئا، ۽ جنهن ملڪ ڪنعان ۾ هو رهيا ٿي تنهن ۾ ڌاريا هئا.


نڪي اوهين گھر تعمير ڪجو، نہ وري پوک ڪرڻ يا انگورن جا باغ لڳائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪا زمين هجي. اوهان کي انهن مان ڪابہ ملڪيت نہ هجي، بلڪ اوهين هميشہ تنبن ۾ پيا رهجو. تڏهن اوهين جنهن ملڪ ۾ مسافر طور رهو ٿا تنهن ۾ اسان جو گھراڻو وڏي ڄمار ماڻيندو.‘


ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ