Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ايمان جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت خدا کيس خبردار ڪيو هو. هن خدا جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح دنيا کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ايمان ئي جي ڪري جيڪي ڳالهيون اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، تن جي نسبت ۾ خدا نوح کي خبردار ڪيو، ۽ هن خدا جي خوف کان پنهنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار ڪئي؛ ۽ ائين ڪرڻ سان هن جهان کي ڏوهاري ٺهرايو، ۽ پاڻ انهيءَ راستبازيءَ جو وارث ٿيو جا ايمان جي ڪري آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 وشواس جي ڪري ئي نوح اهي ڳالهيون مڃيون جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون هيون، جن بابت ايشور کيس خبردار ڪيو هو. هن ايشور جو خوف رکي پنهنجي خاندان کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ هڪڙو ٻيڙو ٺاهيو. اهڙيءَ طرح نوح سنسار کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ انهيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا وشواس جي ڪري حاصل ٿئي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ايمان جي ڪري ئي نوح کي انھن ڳالھين جي باري ۾ خدا خبردار ڪيو جيڪي اڃا ڏسڻ ۾ نہ آيون ھيون ۽ ھن خدا جي خوف کان پنھنجي خاندان جي بچاءَ لاءِ ھڪڙو ٻيڙو ٺاھيو. اھڙيءَ طرح ھن دنيا کي ڏوھي ٺھرايو ۽ انھيءَ سچائيءَ جو وارث ٿيو، جيڪا ايمان جي ڪري آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:7
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي.


سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.


نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو.


جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا.


سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.


”تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ سندن زالن سميت ٻيڙي مان نڪري اچ.


تڏهن هوءَ اليشع وٽان هلي ويئي ۽ وڃي ائين ئي ڪيائين. هوءَ پاڻ ۽ سندس پٽ گھر ۾ اندر گھڙي ويا ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائون. هوءَ انهن ٿانون ۾ تيل ڀريندي رهي جيڪي سندس پٽ کيس ڏيندا رهيا.


نہ، تنهنجي شرارت رڳو تو جهڙي انسان کي ئي نقصان پهچائي سگھي ٿي، هائو، تنهنجي سچائي رڳو ڪنهن آدمزاد کي ئي فائدو پهچائي سگھي ٿي.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي.


سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بي‌سمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن.


پوءِ جيتوڻيڪ هي ٽي ماڻهو نوح، دانيال ۽ ايوب انهن سان گڏ رهندا هجن، تڏهن بہ انهن جي نيڪي رڳو انهن ٽن کي ئي بچائي سگھندي، ٻين کي نہ. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


تڏهن جيڪڏهن نوح، دانيال ۽ ايوب بہ انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هجن تہ بہ آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ اهي پنهنجن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي بہ بچائي نہ سگھندا. اهي پنهنجي نيڪيءَ جي ڪري رڳو پنهنجي ئي جان بچائي سگھندا.


جيڪو نفيل جو آواز ٻڌي بہ هوشيار نہ ٿيو، تنهن جو خون سندس ئي سر تي هوندو. پر جيڪڏهن هو هوشيار ٿئي ها تہ پنهنجي جان بچائي وٺي ها.


خدا انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.


”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ مڪروهہ شيءِ‘ کي مقدس هيڪل ۾ رکيل ڏسو، جنهن بابت دانيال نبيءَ جي معرفت ٻڌايو ويو آهي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)،


پر آءٌ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو ٻڌائي رهيو آهيان.


انهن ڏينهن ۾ ٻوڏ کان اڳ ۾ ماڻهو کائيندا پيئندا ٿي رهيا، شاديون ڪندا ۽ ڪرائيندا ٿي رهيا، تان جو اهو ڏينهن ٿيو جو نوح ٻيڙي ۾ گھڙيو.


يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟


ابنِ آدم جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


جڏهن تہ جيڪو ايمان آڻڻ جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، تنهن کي اها سچائي چوي ٿي تہ ”تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئُہ تہ ’ڪير آسمان تي چڙهندو؟‘“ ڇاڪاڻ تہ مسيح اڳي ئي هيٺ لهي آيو آهي.


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ خدا انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


ابراهيم ۽ سندس اولاد سان خدا اهو واعدو ڪيو هو تہ هو کين دنيا جو وارث بڻائيندو. پر اهو واعدو انهيءَ ڪري نہ ڪيو ويو تہ ابراهيم شريعت تي عمل ڪيو، بلڪ انهيءَ ڪري جو هن ايمان آندو ۽ ائين خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو.


ان مان اسان جي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ جيتوڻيڪ غير قوم وارن خدا وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪا ڪوشش نہ ڪئي، تہ بہ انهن مان ڪن کي خدا پاڻ ڏانهن سچار بڻايو ۽ اهو سندن ايمان رکڻ جي ڪري ئي ٿيو.


پر اسين پاڪ روح جي وسيلي ايمان آڻڻ جي ڪري خدا ڏانهن سچار بڻايا وينداسين. انهيءَ اميد جي پوري ٿيڻ جو اسين وڏي چاهہ سان انتظار ڪري رهيا آهيون.


۽ هن سان پوريءَ طرح گڏيل ثابت ٿيان. اهو منهنجي انهيءَ سچائيءَ رکڻ سان ناهي جيڪا شريعت تي عمل ڪرڻ وسيلي آهي، پر انهيءَ سچائيءَ سبب آهي جيڪا مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي حاصل ٿئي ٿي. هائو، ايمان جي ڪري ئي خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ٿو بڻائي.


ايمان مان مراد آهي انهن شين جي ملڻ جي خاطري، جن جي اميد ڪئي وڃي ٿي، هائو، انهن شين تي يقين، جيڪي ڏسڻ ۾ نہ ٿيون اچن.


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


هتي مقدس جاءِ ۾ هو جيڪا خدمت ڪن ٿا، سا آسمان واري مقدس خيمي واري حقيقي خدمت جو رڳو نقل ۽ پاڇو آهي. اها ڳالهہ هن مان ظاهر ٿئي ٿي جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمو ٿي جوڙيو، تڏهن کيس تاڪيد ڪيو ويو تہ ”ڏس، خدمت واري هر شيءِ انهيءَ نموني ٺاهجانءِ، جيڪو تو کي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي.“


هي اهي روح هئا، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


يا هي ڏسو تہ خدا پراڻي زماني جي ماڻهن کي نہ بخشيندي انهن بي‌دينن جي دنيا تي ٻوڏ آندي ۽ رڳو سچائيءَ جي منادي ڪندڙ نوح کي ٻين ستن ڄڻن سميت بچايائين.


پاڻيءَ جي ئي وسيلي سڀ ڪجھہ چٽ ٿي ويو، جڏهن قديم زماني جي دنيا تي ٻوڏ آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ