Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:39 - Muslim Sindhi Bible

39 جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري خدا جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو خدا واعدو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

39 ۽ جيتوڻيڪ انهن سڀني جي نسبت ۾ ايمان جي ڪري شاهدي ڏني ويئي هئي، تہ بہ واعدي واري نعمت حاصل ڪانہ ٿين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

39 جيتوڻيڪ انهن سڀني کي سندن وشواس جي ڪري ايشور جو راضپو حاصل ٿيو، تڏهن بہ کين اهو ڪجھہ نہ مليو جنهن جو ايشور وچن ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

39 انھن سڀني کي سندن ايمان جي ڪري ساراھيو ويو، تڏھن بہ انھن مان ڪنھن کي بہ واعدي ڪيل شيءِ ڪانہ ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:39
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


اهو انهن جو ايمان ئي هو جو اڳئين زماني جي ماڻهن خدا جو راضپو حاصل ڪيو.


انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ