Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:38 - Muslim Sindhi Bible

38 بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 (دنيا انهن جي لائق نہ هئي)، هو بيابانن ۽ جبلن ۽ غارن ۽ زمين جي چرن ۾ رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀَٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هي سنسار انهن جي رهڻ لائق نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 دنيا انھن جي لائق نہ ھئي. ھو بيابانن، جبلن، غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ رلندا رھيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:38
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”هتان هليو وڃ ۽ اوڀر طرف ڦري اردن درياءَ جي اوڀر ۾ ڪريت نالي برساتي نهر ۾ وڃي پاڻ کي لڪاءِ.


منهنجا سائين! اوهان نہ ٻڌو آهي ڇا تہ جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي تہ مون ڇا ڪيو هو؟ مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا ۽ اتي مون کين کاڌو پيتو پهچايو هو.


جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


اتي هو هڪڙي غار ۾ گھڙي ويو ۽ رات اتي ئي گذاريائين. تڏهن اوچتو خداوند ساڻس ڳالهايو تہ ”اي الياس! تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟“


سچار ماڻهو ماريا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ نہ ٿو آڻي. نيڪ ماڻهو هن دنيا مان ختم ٿيندا ٿا وڃن، ۽ ڪوبہ انهيءَ بابت نہ ٿو سوچي. هائو، هِت سچار ماڻهو قيد ٿيو وڃن، جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو ڇٽيو وڃن.


اهو کوهہ جنهن ۾ اسماعيل انهن سڀني ماڻهن جا لاش اڇلايا هئا سو ساڳيو وڏو کوهہ هو جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ آسا اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي گھيري جي ڊپ کان کوٽرايو هو. اسماعيل ولد نتنياہ ان کي لاشن سان ڀري ڇڏيو.


مديانين جي ظالمانہ سلوڪ جي ڪري بني اسرائيل وڃي جبلن جي چرن، غارن ۽ ٻين مضبوط هنڌن تي پنهنجي لاءِ اجھا جوڙيا.


پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.


دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي. جڏهن دائود زيف جي بيابان جي ٻيلي منجھہ هو،


ان کان پوءِ زيف شهر جا ڪي ماڻهو جِبعت شهر ڏانهن سائول وٽ ويا ۽ چيائونس تہ ”دائود اسان جي علائقي جي ڏکڻ واري بيابان جي حڪيلہ ٽڪر واري ٻيلي ۾ لڪل آهي.


تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“


پوءِ زيف شهر جا ڪي ماڻهو سائول وٽ جِبعت شهر ۾ آيا ۽ کيس ٻڌايائون تہ ”دائود حڪيلہ ٽڪر تي لڪو ويٺو آهي، جيڪو بيابان جي ڀرسان آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ