عبرانين 11:34 - Muslim Sindhi Bible34 انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible34 انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان ٻلوان ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament34 ھنن سخت باھہ کي اُجھايو ۽ تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. اھي ڪمزوريءَ مان زورآوار ٿيا، جنگ ۾ بھادر ٿيا ۽ ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“