عبرانين 11:32 - Muslim Sindhi Bible32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible32 هاڻي وڌيڪ آئون ڇا چوان؟ جو فرصت ڪانہ اٿم تہ جدعون، باراق، سمسون ۽ يفتہ جو ذڪر ڪريان؛ يا دائود ۽ سموئيل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible32 هاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ هينئر ايترو وقت ڪانہ اٿم جو جِدعون، برق، سمسون، افتاح، يا وري دائود، سموئيل ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جو ذڪر ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament32 ھاڻي وڌيڪ آءٌ ڇا ٻڌايان؟ ايتري واندڪائي ڪانہ اٿم جو گدعون، باراق، سمسون، يفٿاح، دائود، شموايل ۽ ٻين نبين جو ذڪر ڪريان. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند سموئيل کي چيو تہ ”تون ڪيستائين پيو سائول جي لاءِ افسوس ڪندين؟ جڏهن تہ مون پاڻ هن کان بني اسرائيل جي بادشاهي کسي ورتي آهي. سو هاڻي تون هڪڙي سڱ ۾ زيتون جو ڪجھہ تيل کڻ ۽ وڃ. آءٌ تو کي بيتلحم جي يسي نالي هڪڙي ماڻهوءَ ڏانهن موڪليان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي طرفان بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“