Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ايمان جي ڪري ئي هن عيد فصح قائم ڪئي، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي قرباني ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

28 وشواس جي ڪري ئي هن فصح جو تهوار قائم ڪيو، جڏهن بني اسرائيل کي حڪم ڏنائين تہ اهي ٻليدان ڪري رت دروازن جي ٻانهين ۽ سردرن تي ڇٽڪارين، انهيءَ لاءِ تہ موت جو دوت بني اسرائيل جي پهريتن پٽن کي هٿ نہ لائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 ايمان جي ڪري ئي ھن عيد فصح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇٽڪاريائين، انھيءَ لاءِ تہ موت جو ملائڪ بني اسرائيل جي پھريتن ٻارن کي ھٿ نہ لائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:28
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


اوهين نئين عهد جي وچ واري عيسيٰ وٽ ۽ سندس ڇٽڪاريل انهيءَ رت وٽ آيا آهيو، جيڪو هابيل جي وهايل رت وارين ڳالهين کان بهتر ڳالهيون ٿو ڪري.


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ