Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 11:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آسماني وطن جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ خدا، انهن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر هاڻي هو بهتر ملڪ يعني آسماني ملڪ جي لاءِ خواهشمند آهن: جنهنڪري خدا هنن جو، يعني سندن خدا سڏجڻ کان، شرمندو نٿو ٿئي: ڇالاءِ جو هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 پر ان جي بدران هو انهيءَ کان بهتر يعني آڪاشي ديس جي لاءِ واجھائي رهيا هئا. جيئن تہ ايشور، انهن جو ايشور سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، تنهنڪري هن انهن جي لاءِ هڪڙو شهر تيار ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 11:16
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


تون بني اسرائيل کي هيئن بہ چئج تہ ’مون کي خداوند، اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘ ڏس، هميشہ تائين منهنجو نالو اهو ئي آهي ۽ سڀني پيڙهين ۾ مون کي انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو.


وري چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.“ اهو ٻڌي موسيٰ پنهنجو منهن کڻي لڪايو، ڇاڪاڻ تہ هو خدا ڏانهن نهارڻ کان ڊنو ٿي.


پوءِ خداوند چيس تہ ”انهيءَ سان بني اسرائيل اعتبار ڪندا تہ آءٌ خداوند، انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏني آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ان وقت آءٌ بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.“


پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،


مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘


جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


مئلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو خداوند کي ’ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.


منهنجي پيءُ جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها.


’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو خدا، يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس.


جڏهن تہ اسين جن جو وطن آسمان تي آهي، سي وڏي چاهہ سان انهيءَ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني خداوند عيسيٰ مسيح جي اتان موٽي اچڻ جي انتظار ۾ آهيون.


خداوند عيسيٰ مون کي اڳتي بہ هر بڇڙائيءَ کان بچائي وٺندو ۽ پنهنجي آسماني بادشاهيءَ ۾ صحيح سلامت پهچائيندو. شل سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ دائمي ملڪيت موجود آهي.


ابراهيم انهيءَ شهر جو اميدوار هو، جنهن جو بنياد پڪو ۽ پختو آهي ۽ جنهن جو تخليق ڪندڙ ۽ اڏيندڙ خود خدا آهي.


جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو وطن ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين طلبگار آهيون.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. خدا چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ زمين تي اسان جو ڪو قائم رهڻ وارو شهر ڪونهي. ان جي بدران اسين اهڙي شهر جا طلبگار آهيون جيڪو آئندہ ملڻ وارو آهي.


هاڻ جيئن تہ پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني عيسيٰ جو ۽ پاڪ ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پيءُ هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري عيسيٰ انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


مون پاڪ شهر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان هيٺ لهندي ڏٺو. اهو انهيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو هو، جيڪا پنهنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ