Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پهريائين مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاهيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي قربانيون شريعت موجب چاڙهيون وڃن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 مٿي چيو اٿس تہ قربانيون ۽ نذرانا ۽ سوختني ۽ گناهہ جون قربانيون تو پسند نہ ڪيون، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين (جي شريعت موجب چاڙهبيون آهن،)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

8 پهريائين مسيح چيو تہ ”ٻليدانَ، ڀيٽائون، ساڙڻ وارا ٻليدان ۽ پوِتر ٿيڻ واسطي ٻليدان تو نہ چاهيا، نڪي تون انهن مان خوش ٿئين.“ مسيح ائين چيو جيتوڻيڪ اهي ٻليدان نيم موجب چاڙهيا وڃن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

8 پھريائين تہ مسيح چيو تہ ”قربانيون، نذرانا، ساڙڻ واريون قربانيون ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون تو نہ چاھيون، نڪي تون انھن مان خوش ٿئين، جيتوڻيڪ اھي شريعت موجب چاڙھيون وڃن ٿيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:8
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون قرباني يا نذرانو ڪونہ ٿو چاهين، نڪي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني يا ساڙڻ واري قرباني ئي تو گھري آهي. بلڪ تو منهنجا ڪن کولي ڇڏيا آهن، تان‌تہ تنهنجي ٻڌي آءٌ فرمانبرداري ڪريان.


سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي قرباني ڪرڻ يا قربان‌گاهہ تي خدا جي خدمت ۾ ٻيون شيون نذر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


تنهنڪري ئي مسيح دنيا ۾ اچڻ مهل خدا کي چيو تہ ”تو قرباني ۽ نذرانو نہ چاهيو، پر تو منهنجي لاءِ هڪڙو بدن تيار ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ