Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:38 - Muslim Sindhi Bible

38 ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو ايمان جي وسيلي جيئرو رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 پر منهنجو راستباز بندو ايمان جي ڪري جيئندو؛ ۽ جي هو پٺتي هٽندو، تہ منهنجي دل هن کان خوش نہ ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

38 ان وقت جيڪو منهنجو سچار ماڻهو هوندو، سو وشواس جي وسيلي جيوت رهندو، پر جيڪڏهن ڪو پوئتي هٽندو، تہ آءٌ هن کان خوش نہ ٿيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 منھنجا سچار ٻانھو ايمان جي ڪري جيئرو رھندا، پر جيڪڏھن انھن مان ڪو پوئتي ھٽندو، تہ آءٌ ھن کان خوش نہ ٿيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:38
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ خداوند جي راهن تي هلندو رهيو آهيان، ۽ برائي ڪري ڪڏهن پنهنجي خدا کان ڦري پري نہ ٿيو آهيان.


بلڪ خداوند انهن کان ئي خوش ٿئي ٿو جيڪي کانئس ڊڄن ٿا، هائو، انهن کان جيڪي سندس دائمي رحمت ۾ اميد رکن ٿا.


بيشڪ خداوند پنهنجي قوم کان ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ پنهنجي تابعدارن کي فتحمندي بخشي ٿو.


بيشڪ تون اهڙو خدا آهين، جيڪو بڇڙائيءَ کان خوش نہ ٿيندو آهين، بلڪ بدڪار تہ تنهنجي ويجھو بہ ڪين ٿا رهي سگھن.


خداوند خدا جيڪا وراڻي ڏئي ٿو سا آءٌ ٻڌان ٿو. هو واعدو ٿو ڪري تہ پنهنجي قوم، پنهنجي چونڊيلن سان، سلامتيءَ واريون ڳالهيون ڪندو، شرط اهو آهي تہ اسين وري بي‌وقوفيءَ جو رستو نہ وٺون.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اِجھو، منهنجو پيارو ٻانهو ڏسو، جنهن کي مون طاقت بخشي آهي. هي منهنجو مخصوص ڪيل آهي، جنهن کان آءٌ بيحد خوش آهيان. مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي، سو هو هر قوم کي فوري انصاف مهيا ڪندو.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


وري جيڪڏهن سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي بڇڙائيءَ ۾ پوندا، تہ آءٌ کين اهڙين مشڪل حالتن ۾ وجھندس جو اهي مري کپي ويندا. پر جيڪڏهن تو هنن کي خبردار نہ ڪيو تہ هو پنهنجي بڇڙاين جي ڪري مرندا. آءٌ سندن ڪيل سچائيءَ وارن ڪمن کي بہ وساري ڇڏيندس. مگر انهن جي خون جو ذميوار آءٌ تو کي بڻائيندس.


فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.


لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن. پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي مون خداوند کي پٺ ٿا ڏين. اُهي نہ تہ منهنجا طالبو آهن، ۽ نہ وري مون کان ڪا مدد ئي گھرن ٿا.“


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


”ڏسو، هي منهنجو ٻانهو آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجو روح نازل ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


پر اهو پيغام انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن پيغام جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


انهيءَ خوشخبريءَ مان اهو ظاهر آهي تہ خدا ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اهو رڳو ايمان رکڻ جي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار ڪيو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


هاڻي اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي وسيلي خدا آڏو سچار نہ ٿو بڻجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جنهن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانهن سچار بڻايو ويو آهي، سو ئي جيئرو آهي.“


يهودين خداوند عيسيٰ کي توڙي نبين کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي خدا کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.


سو اسين پوئتي هٽڻ وارن مان نہ آهيون جو ناس ٿيون، پر اسين انهن مان آهيون جيڪي ايمان رکي پاڻ کي بچائين ٿا.


اوهان بي‌ڏوهي ماڻهن کي ڏوهي قرار ڏيئي قتل ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجھہ بہ ڪري نہ سگھيا.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ