عبرانين 10:34 - Muslim Sindhi Bible34 جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ دائمي ملڪيت موجود آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible34 ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible34 جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي ڪئي ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان ڄاتو پئي تہ اوهان وٽ انهيءَ کان بهتر ۽ امر ملڪيت موجود آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament34 جيڪي قيد ۾ ھئا، تن سان اوھان ھمدردي ڪئي ۽ پنھنجي مال ملڪيت جو لٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو. ڇالاءِجو اوھان کي خبر ھئي تہ اوھان وٽ بھتر ۽ پائدار ملڪيت موجود آھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.