Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:30 - Muslim Sindhi Bible

30 هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”خداوند پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 ڇالاءِ جو اسين انهي کي ڄاڻون ٿا، جنهن چيو تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“ ۽ وري هي تہ ”خداوند پنهنجيءَ اُمت جي عدالت ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 هائو، کيس سزا ضرور ملندي، ڇاڪاڻ تہ اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون ٿا جنهن فرمايو آهي تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“ وري هي بہ ڄاڻون ٿا تہ ”پرميشور پنهنجي قوم جو فيصلو ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ڇالاءِ⁠جو اسين انھيءَ کي ڄاڻون ٿا جنھن چيو تہ ”وير وٺڻ منھنجو ڪم آھي، آءٌ ئي بدلو وٺندس.“ ۽ وري ھي تہ ”خداوند پنھنجي قوم جو انصاف ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:30
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو خداوند پنهنجي قوم جي پاسخاطري ڪري ٿو، هائو، هو پنهنجي انهن ٻانهن تي مهربان آهي.


هو آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي حضور ۾ سڏي ٿو، تہ جيئن اهي سندس قوم جي فيصلي ڪرڻ وقت حاضر هجن.


اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.


هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ هو اچي ٿو، تان‌تہ دنيا وارن جو انصاف ڪري. هائو، هو انصاف ۽ سچائيءَ سان دنيا جي قومن جي عدالت ڪندو.


سو خداوند سچائيءَ کي زرهہ وانگر ڍڪيندو، ۽ بچائڻ وارو لوهي ٽوپ مٿي تي رکندو. هو انتقام کي پوشاڪ جيان پهريندو، ۽ غيرت کي جبي وانگر پائيندو.


هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ اهو اعلان ڪريان تہ اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن خداوند پنهنجي قوم کي بچائيندو، ۽ سندن دشمنن کان انتقام وٺندو. هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ سڀني دلگيرن کي دلاسو ڏيان.


مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو تہ منهنجي قوم کي بچائڻ جو وقت اچي پهتو آهي. هائو، اهو سندن دشمنن کان انتقام وٺڻ جو وقت هو.


هاڻي اي بني اسرائيل! آءٌ خداوند خدا اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن موجب بدلو ڏيندس. تنهنڪري اوهين توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان باز اچو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي بڇڙائي اوهان جي برباديءَ جو سبب نہ بڻجي.


سو هاڻي اي منهنجا ڌڻ! جيڪو بہ تڪرار تو منجھہ رڍن ٻڪرين ۾ ٿئي، تن جو آءٌ خداوند خدا پاڻ انصاف ڪندس. اي زورآور ۽ ٿلهي متاري رڍ ۽ ٻڪري!


اوهين پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن کان وير نہ وٺجو، نڪي انهن سان ڪينو رکجو، بلڪ اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسان سڀني کي مسيح جي عدالت اڳيان پيش ٿيڻو آهي، تہ جيئن هر ڪنهن کي انهن ڪمن جو بدلو ملي، جيڪي هن جسم ۾ رهي ڪيا آهن، پوءِ اهي چڱا هجن يا بڇڙا.


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ