عبرانين 10:29 - Muslim Sindhi Bible29 تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو، عهد جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پاڪ ڪيو ويو هو ۽ فضل بخشيندڙ روح جي بيحرمتي ڪيائين! အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 تڏهن اوهين خيال ڪريو تہ اُهو شخص ڪيتري نہ وڌيڪ سزا جو لائق ٿيندو، جنهن خدا جي فرزند کي پيرن هيٺ لتاڙيو آهي. ۽ جنهن عهد جي رت سان هو پاڪ ڪيو ويو، تنهن کي هن هڪڙي ناپاڪ شيءِ ليکيو آهي، ۽ فضل جي روح کي بي عزت ڪيو اٿس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible29 تڏهن غور ڪريو تہ اهو شخص ڪيڏي نہ وڏي سزا جي لائق ٿيندو، جنهن ايشور جي پٽ کي پيرن هيٺ لتاڙيو، ٻڌل وچن جي انهيءَ رت کي ڪين جهڙو سمجھيو جنهن سان کيس مخصوص ۽ پوِتر ڪيو ويو هو ۽ ڪرپا بخشيندڙ آتما جو اپمان ڪيائين! အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament29 تڏھن اوھين خيال ڪريو تہ ان شخص جو ڇا حشر ٿيندو، جنھن خدا جي فرزند کي پيرن ھيٺ لتاڙيو، عھد جي انھيءَ رت کي ناپاڪ سمجھيو، جنھن سان ھن کي پاڪ ڪيو ويو ھو ۽ فضل بخشيندڙ روح کي بيعزت ڪيائين؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ دائود جي گھراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن تي اهڙو روح نازل ڪندس جو اهي رحمدل ۽ دعا گھرندڙ ٿي پوندا. تڏهن هو مون تي يعني انهيءَ تي نگاهہ ڪندا، جنهن کي هنن گھاءُ ڏيئي ماريو هوندو. هو انهيءَ جي لاءِ ائين روڄ راڙو ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي ٻار لاءِ ڪندو آهي. هو انهيءَ لاءِ ڏاڍو ڏک ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي پهريتي ٻار لاءِ ڪندو آهي.