Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:27 - Muslim Sindhi Bible

27 پوءِ رڳو خدا جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا خدا جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 پر عدالت جو هڪڙو خوفناڪ انتظار ۽ هيبت جهڙي باهہ سا باقي آهي، جا مخالفن کي کائي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

27 پوءِ رڳو ايشور جي عدالت جو خوف ڀريو انتظار ۽ اها ڀڙڪندڙ باهہ باقي رهندي، جيڪا ايشور جي دشمنن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 پر عدالت جي ڏينھن جو ۽ انھيءَ قھر واري باھہ جو خوف ۽ انتظار باقي آھي، جيڪا خدا جي دشمنن کي کائي کپائي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:27
41 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو.


اي خداوند! تنهنجا دشمن ڪين ٿا ڄاڻن تہ کين سزا ڏيڻ لاءِ تنهنجو هٿ بلند ٿيو آهي. تون کين ڏيکار تہ تو کي پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيڏي نہ غيرت آهي. هائو، تون انهن کي خوار خراب ڪر، ۽ کين انهيءَ باهہ ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏ، جيڪا تو پنهنجي دشمنن لاءِ ڀڙڪائي آهي.


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


سو آءٌ انهن غير قومن، خاص طور سڄي ادوم ملڪ جي خلاف پنهنجي سخت غيرت وچان ڳالهايان ٿو. هنن پنهنجي اندر جي نفرت ۽ حسد وچان خوش ٿي ڪري منهنجي سرزمين کي پنهنجي ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي، ڄڻ تہ اهو هنن لاءِ لٽ جو مال آهي.‘


آءٌ پنهنجي غيرت ۽ قهر وچان اهڙو تہ خوفناڪ زلزلو موڪليندس جيڪو سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيندو.


تڏهن خوف وچان بادشاهہ جي منهن جو رنگ ڦري ويو ۽ سندس خيالن کيس ايترو تہ پريشان ڪري ڇڏيو، جو سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا ۽ گوڏا هڪٻئي سان ٺهڪڻ لڳس.


بيت‌ايل جي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر، جتي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آهن، سي بلڪل ناس ڪيا ويندا. هائو، سندن قربان‌گاهون ويران ٿي وينديون، ۽ اتي ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا اڀري ايندا. تڏهن اسرائيل وارا جبلن کي چوندا تہ ”اسان جي مٿان ڪري پئو،“ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ”اسان کي پوري ڇڏيو.“


آءٌ مٿي آسمان ۾ توڙي هيٺ زمين تي پنهنجا عجيب ڪم ظاهر ڪندس. اهي خونريزي، باهہ ۽ دونهين جي ڪڪرن جي صورت ۾ هوندا.


خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو.


مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.


اهي ملائڪ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي هو روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.


۽ کين باهہ جي کُوري ۾ اڇلائيندا جتي اهي روئندا رڙندا ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندا.“


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


عيسيٰ کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا فرزند! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“


تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘


هاڻ منهنجا اهي دشمن جن جي مرضي نہ هئي تہ آءٌ مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو ۽ کين منهنجي اڳيان قتل ڪريو.‘“


جيئن تہ آسماني طاقتون لُڏي وينديون، سو جيڪي آفتون ڌرتيءَ تي نازل ٿيڻيون هونديون، تن جي اُلڪي ۽ ڊپ کان ماڻهن جون دليون دهلجي وينديون.


انهيءَ وقت ماڻهو پهاڙن کي چوندا تہ ’اسان مٿان ڪِري پئو‘ ۽ ٽڪرن کي چوندا تہ ’اسان کي پوري ڇڏيو،‘


۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا هوندا تن کي زندگي ملندي، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا هوندا سي گنهگار قرار ڏنا ويندا.“


سو اي غير قومون! اوهين خدا جي قوم کي ساراهيو، ڇوجو هو پنهنجي انهن ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندو. هائو، جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو سزا ڏيندو، ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو ڪفارو ڏيندو.“


خبردار! انهيءَ هستيءَ جي فرمان جو انڪار نہ ڪجو جيڪو هن وقت ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل وارا، جن زمين تي ڏنل سندس فرمان جو انڪار ڪيو هو سي بچي نہ سگھيا. تہ پوءِ آسمان مان آيل سندس فرمان جو جيڪڏهن اسين انڪار ڪنداسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


جهڙيءَ طرح هر انسان جو هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ پوءِ خدا جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ مقرر ٿيل آهي،


اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي. اها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان هن آخري زماني ۾ دولت جا ڍير لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن تہ اهو زمانو ختم ٿيڻ وارو آهي.


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جو ڏوهہ ڪندو تہ خداوند انهن جي وچ ۾ پئي انصاف ڪري سگھي ٿو، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود خداوند جو گناهہ ڪندو تہ ڪير انهيءَ جي وچ ۾ پوندو؟“ ان جي باوجود بہ هنن پنهنجي پيءُ جو چيو نہ مڃيو، ڇو تہ خداوند هنن کي مارڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ