Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن شريعت ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي قربانيون پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن عبادت ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گنهگار هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 نہ تہ جيڪر قربانيون چاڙهڻ بند ٿي وڃن ها؟ ڇالاءِ جو جيڪڏهن عبادت ڪرڻ وارا هڪ دفعي پاڪ ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي گناهن جي يادگيري بہ ڪانہ رهي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 جيڪڏهن نيم ائين ڪري سگھي ها تہ پوءِ اهي ٻليدان پيش ڪرڻ بند ٿي وڃن ها. هائو، جيڪڏهن ڀڳتي ڪندڙ هڪ ئي دفعي هميشہ لاءِ پوِتر ٿي وڃن ها، تہ پوءِ اڳتي هنن کي پاپي هجڻ جو احساس ئي نہ رهي ها.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 جيڪڏھن شريعت ائين ڪري سگھي ھا تہ ڇا اھي قربانيون چاڙھڻ بند نہ ڪري ڇڏين ھا؟ ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن عبادت ڪندڙ ھڪ ئي دفعي بلڪل پاڪ ٿي وڃن ھا، تہ پوءِ اڳتي ھنن کي گناھن جي يادگيري بہ ڪانہ رھي ھا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:2
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيترو اوڀر اولهہ کان پري آهي، اوترو ئي هو اسان جا گناهہ اسان کان پري ڪري ٿو.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


مون اڳ ئي اوهان جا گناهہ ڌوئي ٻاڦ وانگر اُڏائي ڇڏيا آهن. سو هاڻي اوهين مون آڏو اچي توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جنهن اوهان کي بچايو آهي.


تون وري اسان تي رحم ڪري اسان جا سمورا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندين. بلڪ تون اسان جي گناهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيندين، ۽ اسان جي سمورين خطائن کي سمنڊ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيندين.


اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ رت سان قائم عهد اقرار سبب، آءٌ اوهان جي جلاوطن ٿيلن کي ڄڻ انڌي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي آڻيندس.“


پاڪ روح خداوند جو وڌيڪ فرمان ٻڌائي ٿو تہ ”هنن جا گناهہ ۽ هنن جون نافرمانيون آءٌ وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس.“


هن ڪري جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي بي‌انصافيءَ جي ڪري ڏک ۽ تڪليفون صبر سان سهي ٿو تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ