Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عبرانين 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي وسيلي آسمان واري مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آهي تہ اسين يسوع جي رت جي وسيلي آڪاش واري پوِتر ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان کي پورو ڀروسو آھي تہ اسين عيسيٰ جي رت جي ڪري انھيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿي سگھون ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عبرانين 10:19
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي ايمان جي وسيلي مسيح اسان کي خدا جي انهيءَ فضل تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿينداسين.


ڏسو، اوهان کي اهو روح نہ مليو آهي جيڪو اوهان کي وري ڊپ جو غلام بڻائي. پر اوهان کي اهو روح مليو آهي جنهن جي وسيلي اوهين خدا جا ٻار مقرر ڪيا ويا آهيو. انهيءَ روح جي ڪري اسين سڀيئي خدا کي ”بابا، اي بابا!“ ڪري ٿا پڪاريون.


ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.


هاڻي مسيح تي ايمان رکڻ سان اسين مسيح ۾ شامل ٿيا آهيون، جنهن ڪري دليريءَ ۽ اعتماد سان خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


هاڻي جيئن تہ انهن جي گناهن جي معافي ٿي ويئي آهي، تڏهن سندن گناهن لاءِ قربانيءَ جي ضرورت ئي ناهي رهي.


سو هاڻي اوهين پنهنجي انهيءَ اعتماد کي هٿان وڃڻ نہ ڏيو، جنهن جو اجر عظيم آهي.


سو جيئن تہ اسان کي اهڙي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، جيڪا لڏي وڃڻ واري ناهي، تنهنڪري اچو تہ اسين شڪرگذار ٿيون ۽ اهڙي ادب ۽ خوف سان عبادت ڪريون جو اها خدا کي پسند اچي،


تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


پر مسيح فرزند جي حيثيت ۾ خدا جي گھراڻي جو مختيار هوندي وفادار رهيو. هاڻي خدا جو گھراڻو اسين آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجيءَ همت ۽ انهيءَ اميد تي قائم رهون، جنهن تي اسان کي اعتماد آهي.


تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


مقدس ترين جاءِ ۾ هڪڙو ئي ڀيرو هميشہ لاءِ داخل ٿيو. اتي هن ٻڪرن ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ دائمي ڇوٽڪارو حاصل ڪيو.


مقدس خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو هو.


خدا ۾ رهڻ ڪري پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو. سو عدالت جي ڏينهن اسين پوري اعتماد سان بيهي سگھنداسين، ڇاڪاڻ تہ جيئن مسيح خدا ۾ آهي تيئن ئي هن دنيا ۾ اسين بہ خدا ۾ آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ