عبرانين 10:1 - Muslim Sindhi Bible1 ڏسو، شريعت آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اها انهن حقيقي شين جي اصلي صورت ناهي. تنهنڪري شريعت مطابق هر سال ساڳيون ئي قربانيون پيش ڪندو رهڻ سان اها شريعت عبادت ڪندڙن کي ڪڏهن بہ خدا وٽ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ڇالاءِ جو شريعت انهن اچڻ وارين نعمتن جو عڪس آهي، نہ سندين اصلي صورت، تنهنڪري سال بسال جيڪي ساڳيون قربانيون هميشہ ڪرڻ ۾ ٿيون اچن، تن جي وسيلي ماڻهن کي ڪامل ڪري نٿي سگهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible1 ڏسو، نيم آئندہ ملڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آهي، اهو انهن حقيقي شين جو اصلي روپ ناهي. تنهنڪري نيم مطابق هر سال ساڳيا ئي ٻليدان پيش ڪندو رهڻ سان اهو نيم ڀڳتي ڪندڙن کي ڪڏهن بہ ايشور وٽ ڪامل نہ ٿو ڪري سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament1 حقيقت ۾ شريعت اچڻ وارين چڱين شين جو رڳو پاڇو آھي، انھن جي اصلي صورت ناھي. تنھنڪري سالبسال جيڪي ساڳيون ئي قربانيون ھميشہ ڪيون وڃن ٿيون، تن جي وسيلي اھا شريعت خدا ڏانھن ويجھو ايندڙ ماڻھن کي ڪڏھن بہ ڪامل نہ ٿي ڪري سگھي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |