عبرانين 1:14 - Muslim Sindhi Bible14 ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 هو سڀ خدمت ڪندڙ روح نہ آهن ڇا، جي اُنهن جي خدمت ڪرڻ واسطي موڪليا ٿا وڃن، جن کي نجات جو ورثو مليو آهي؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible14 ڇا اهي سڀ دوت ڀڳتي ڪندڙ آتمائون نہ آهن، جيڪي ميراث طور مڪتي حاصل ڪندڙن جي سيوا لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament14 ڇا اھي سڀ ملائڪ خدمت ڪندڙ روح نہ آھن، جيڪي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ وارن جي لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.
انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.